جنرل باجوه ڪامياب آرمي چيف آهي، واڌ ڏيڻ وارو حڪومتي قدم درست آهي:اسد عمر
November 27, 2019 at 4:29 pmاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته جنرل باجوه ڪامياب آرمي چيف آهي، واڌ ڏيڻ وارو حڪومتي قدم درست آهي، 24 ڪلاڪن ۾ ڪنهن ڪابينا ميمبر اعتراض نه ڪيو ته ها سمجهيو ويندو.اهڙن خيا/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 03
لن جو اظهار هن خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چئي. اسد عمر چيو ته آئين موجب اسان پنهنجي پوزيشن واضح ڪري ڇڏي آهي، جنرل قمر جاويد باجوه ڪامياب آرمي چيف آهي، هن جي ملازمت جي مدي ۾واڌ ڏيڻ وارو فيصلو حڪومت جو درست قدم آهي.هن چيو ته آرٽيڪل 243 بي جي تحت وزير اعظم کي فيصلو ڪرڻو هوندو آهي، سپريم ڪورٽ ابهام جي ڳالهه ڪئي پر ائين ناهي، ان ڳالهه ۾ ڪو به ابهام ناهي ته وزير اعظم جي تجويز تي صدر مقرري ڪري سگهي ٿو، سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجو موقف ثابت ڪنداسين.اسد عمر چيو ته سپريم ڪورٽ چيو ته طريقيڪار درست نه هو ان ڪري عدالت جي اعتراض تي اسان نئين سمري منظور ڪئي آهي، عدالت احترام لازم آهي اصولن جي ويڙهه ۾ نٿا وچڙڻ چاهيون.