جنرل راحيل شريف جي دستاويزن ۾ رٽائرمينٽ جو ذڪر نه هجڻ ۽ جنرل ڪياني طرفان پينشن وٺڻ جو انڪشاف
November 28, 2019 at 4:51 pmاسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار اڳوڻي آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي رٽائرمينٽ ۽ جنرل اشفاق پرويز ڪياني جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ جا دستاويز سُپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيا. دستاويز ۾ انڪش/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 26
اف ٿيو آهي ته قانون ۾ رٽائرمينٽ ۽ پينشن جو ذڪر نه هجڻ باوجود اڳوڻن آرمي چيف کي رٽائرمينٽ ملي رهي آهي. چيف جسٽس پنهنجي ريمارڪس ۾ حڪم ڏنو ته جنرل راحيل شريف جي رٽائرمينٽ جا به ڪاغذ پيش ڪريو، جنرل راحيل شريف رٽائر ٿيو ته سندس نوٽيفڪيشن ۾ ڪهڙا لفظ لکيل هئا، اُهي به پيش ڪيا وڃن. اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته جنرل ڪڏهن رٽائر نه ٿيندا آهن، جيڪڏهن رٽائر نه ٿيندا آهن ته پوءِ پينشن به نه ملندي هوندي. اٽارني جنرل انور منصور عدالت کي آگاهه ڪيو ته دستاويز ڪجهه دير ۾ پهچي ويندا.