جنهن نيب آفيسر کي لکڻ نٿو اچي اهو ڪرپشن جي جاچ ڪيئن ڪندو؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ

February 12, 2019 at 7:40 pm

 ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کي لوڪل گورنمينٽ ڪشمور جي چيف آفيسر اظهر مهيسر خلاف وڌيڪ ڪارروائي کان روڪيندي ڊي جي نيب کان وضاحت طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته چيف جسٽس رمارڪس ڏنا آهن ته جنهن ماڻهو کي لکڻ نٿو اچي اهو ڪرپشن جي جاچ ڪيئن ڪندو؟چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ احمد علي شيخ ۽ جسٽس عمر سيال تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ لوڪل گورنمينٽ ڪشمور ۾ ڪرپشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ته نيب جاچ آفيسر پاران سوالن جا جواب نه ڏيڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اينٽي ڪرپشن کاتو هڪ ڀيرو جاچ ختم ڪري چڪو آهي ته نيب ٻيهر جاچ ڪيئن ڪري سگهي ٿي، عدالت ڊي جي نيب کان وضاحت طلب ڪري ورتي آهي. عدالت چيو ته نيب جا ڪيترائي جاچ آفيسر جاچ دوران بنيادي قانون کان اڻڄاڻ هوندا آهن، نيب 2018ع کان جاچ ڪري رهي آهي، ٻڌايو وڃي ته ڪنهن قانون تحت جاچ ڪئي پئي وڃي، اينٽي ڪرپشن کاتي چالان جمع ڪرائي ڇڏيو ته نيب ڪيئن مداخلت ڪئي؟چيف جسٽس چيو ته نيب اهڙو آفيسر ڀرتي ڪيو آهي جيڪو اسٽيٽمينٽ نٿو لکي سگهي. چيف جسٽس جاچ آفيسر سان مڪالمو ڪندي چيو ته ڪيتري عرصي کان جاچ ڪري رهيا آهيو؟ جنهن شخص کي لکڻ نٿو اچي اهو ڪرپشن جي جاچ ڪيئن ڪندو؟ هاءِ ڪورٽ نيب کي چيف آفيسر لوڪل گورنمينٽ ڪشمور اظهر مهيسر خلاف وڌيڪ ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو