جيڪو انصاف لاءِ کڙو ٿئي حڪومت کيس هٽائي ڇڏيندي آهي: چيف جسٽس
December 5, 2018 at 5:23 amاسلام آباد ( بيورو ) چيف جسٽس ثاقب نثار بني گالا ڪيس ۾ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته نيئر رضوي سچي ڳالهه ڪندڙ ايڊيشنل اٽارني جنرل هو، حڪومت شايد سچ ڳالهائڻ تي ئي کيس عهدي تان هٽايو، جيڪو انصاف لاءِ کڙو ٿي حڪومت کيس هٽائي ڇڏيندي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ بني گالا غير قانوني اڏاوتن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته عمران خان گهر ريگولر ٿيڻ لاءِ ڇا اپ ڊيٽ آهي، ڇا هن گهر ريگولر ڪرائڻ لاءِ درخواست ڏني آهي. هن چيو ته ڇا رڳو وزيراعظم سبب گهر ريگولر ڪرڻ ۾ دير ٿي رهي آهي، ڪنهن ڪنهن زمين ريگولر ڪرڻ لاءِ اپلائي ڪيو، ڪنهن ڪنهن ريگولرائيزيشن في جمع ڪرائي آهي، سمورن تفصيلن کان آگاهه ڪيو وڃي. سي ٽي ڊي اي چيئرمين عدالت کي ٻڌايو ته مجموعي طور تي 100 کان وڌيڪ درخواستون مليون آهن، چيف جسٽس چيو ته درخواست ڏيندڙن کان وڌيڪ ڄاڻ ۽ دستاويز گهريا ويا آهن. ٻڌڻي دوران ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس جو فائل دير سان مليو آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته توهان فائل ڏسي وٺو، عدالت وقفي کانپوءِ ڪيس ٽيڪ اپ ڪري ٿي. سپريم ڪورٽ بني گالا غير قانوني حددخلين جي ڪيس جي ٻڌڻي ۾ وقفو ڪيو.