جيڪڏهن داغدار ماڻهن کان پئسا نه وٺي سگهياسين ته اسان کي حڪومت جو حق ناهي: فواد چوڌري

December 13, 2018 at 3:03 am

اسلام آباد ( بيورو ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري مخالف ڌر کي داغدار قرار ڏيندي چيو آهي ته انهن داغدار ماڻهن کان پاڪستان جي عوام جو پئسو واپس نه وٺي سگهياسين ته پي ٽي آءِ کي حڪومت ڪرڻ جو ڪو حق ناهي. اڳوڻي وزيراعظم شاهد خان عباسي کانپوءِ  خيالن جو اظهار ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جواب ڏيڻ لاءِ  اٿيو ته ن ليگ طرفان گوڙ شروع ڪيو ويو . ن ليگ جي گوڙ تي فواد چوڌري چيو ته سندن سياسي تربيت ۾ مسئلو آهي، اها پارٽي ضياءَ ٺاهي هئي، سندس تربيت سٺي نه ٿي تنهنڪري اهي ڳالهيون ناهن ٻڌندا. سڌ سماءَ واري وزير چيو ته ن ليگي ميمبرن ڪاوڙ ۾ اچي ويا ۽ فواد چوڌري تي ڏمري پيا، ان دوران ايوان ۾ گوڙ پڻ ٿيو جڏهن ته مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ايوان اٿي هليو ويو. مخالف ڌر طرفان فواد چوڌري کان لفظ واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر سڌ سماءَ واري وزير کان لفظ واپس وٺڻ جو چيو ته فواد چوڌري جواب ڏيندي چيو ته ن ليگ جي تربيت ٺيڪ ٿي، فواد چوڌري جي جواب تي هڪ ڀيرو وري نل ليگ گوڙ ڪيو جنهن تي سڌ سماءَ واري واري وزير چيو ته ٺيڪ هئڻ جو چوان تڏهن به انهن سان مسئلو آهي جيڪڏهن ٺيڪ نه هئڻ جو چوان ٿو ته تڏهن به انهن سان مسئلو آهي. مخالف ڌر جي احتجاج تي قومي اسمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر  فواد چوڌري کان تربيت بابت لفظ ڪارروائي مان حذف ڪري ڇڏيا. ايوان ۾ خيالن جو اظهار ڪندي فواد چوڌري چيو ته سعد رفيق کي ضمانت رد ٿيڻ تي گرفتار ڪيو ويو، عدالت کيس مڪمل ٻڌو پوءِ ضمانت رد ڪئي. سڌ سماءَ واري وزير جو چوڻ هو ته جن طريقي سان گذريل ڏهن سالن ۾ ملڪ هلايو ويو اهو سڀني جي سامهون آهي، شاهد خاقان عباسي جي ڳالهه درست آهي ته احتساب وارو عمل شفاف هئڻ گهرجي پر هن هڪ ڳالهه نظرانداز ڪري ڇڏي ته نيب موجودا چيئرمين جي مقرري جي اٿارٽي هو پاڻ آهي، نيب جي موجودا سيٽ اپ ۾ هڪ پٽيوالو به اسان مقرر ناهي ڪيو. هن چيو ته لڳي ٿو سموري مخالف ڌر کي پنهنجو خطرو آهي، سڀني کي پنهنجا پنهنجا ڪيل ڪرتوت ياد آهن،  تنهنڪري ڊنل آهن. سندن حالت اها آهي جو جواب ٻڌڻ نٿا چاهن،  سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته ايف بي آر جي چيئرمين کان ويندي سمورا ماڻهو جيڪي مني لانڊرنگ ملوث هئا انهن کي اهم عهدن تي مقرر ڪيو ويو، کين ڇو مقرر ڪيو ويو؟ ڪنهن جو پئسو ٻاهر موڪلي رهيا هئا، هٿان کان پئسو ٻاهر موڪليو ويو، انهن ماڻهن جڏهن سياست شروع ڪئي تڏهن سندن وٽ موٽر سائيڪل هئي هاڻ گاڏيون آهن، ڪير پڇڻ وارو ناهي ته پئسو ڪٿان آيو، ڪير پڇي وٺي ته ايوان جو تقدس خراب ٿي ويندو آهي، کين سعد رفيق يا شهباز شريف جو ڏک ناهي پر پنهنجي واري جو ڏک آهي تنهنڪري وڌيڪ ڀڀڪيون ڇڏي رهيا آهن، هي اهي ئي جن کي خبر آهي ته ڏهن سالن جو حساب ڏيڻو آهي. جيڪڏهن اسان انهن داغدار ماڻهن کان ملڪ جي عوام جو لٽيل پئسو واپس نه ڪرايو ته پي ٽي آءِ کي حڪومت ڪرڻ جو حق ناهي. فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو شفاف احتساب ٿي رهيو آهي، وزيراعظم ان معاملي تي پرعزم آهي، ڪو به ڪنهن به پارٽِ جو هجي ان جو حڪومت تي ڪو به ڪنٽرول ناهي، اسان سمجهون ٿا ته احتساب جي عمل کي جنهن طريقي سان تڪراري بڻايو پيو وڃي ان جو فائدو نه ٿيندو، نيب ۽ عدالتون پنهنجون ڪم ڪري رهيون آهن کين پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو،

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو