جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ غلط نموني مون کي العزيزيه ۽ هل ميٽل جو مالڪ ظاهر ڪيو ويو:نواز شريف
November 22, 2018 at 7:44 pmاسلام آباد ( بيوور ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ 342 جو بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو، احتساب عدالت ڌرين کان لکت ۾ دليل طلب ڪري ورتا، جڏهن ته هن پنهنجو دفاع پيش نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ نيب طرفان داخل ڪيل العزيزيه ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. اڳوڻي وزيراعظم پنهنجو بيان قلمبند ڪرائيندي چيو ته العزيزيه اسٽيل مل ريفرنس ۾ پنهنجو دفاع پيش نه ڪري رهيو آهي، ڪيس منهنجي مخالفن طرفان هنيل الزامن ۽ جي آءِ ٽي جي هڪ طرفي رپورٽ تي ٺاهيا ويا، جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ غلط نموني مون کي العزيزيه ۽ هل ميٽل جو مالڪ ظاهر ڪيو ويو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي معزز بئنچ به جي آءِ ٽي رپورٽ سان مڪمل مطمئن نه هئي، اعليٰ عدالت طرفان معاملو ٽرائل ڪورٽ کي موڪليو ويو ته جيئن ڪو شڪ باقي نه رهي. جج نواز شريف کان سوال ڪيو ته توهان خلاف هي ڪيس ڇو ٺاهيو ويو ۽ شاهدن اچي ڇو شاهدي نه ڏني. نواز شريف جواب ڏيندي چيو ته مفروضن تي ڪيس کي هلايو ويو، هي ڪيس مني لانڊرنگ، ٽيڪس چوري ۽ ڪرپشن جي الزامن تي شروع ٿيو ۽ بي رحماڻي احتساب کانپوءِ ڳالهه آمدني کان وڌيڪ اثاثن تي پهتي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته واجد ضياءَ ۽ جاچ آفيسر کانسواءِ ڪنهن شاهد منهنجي خلاف بيان نه ڏنو آهي، سندن بيان قبولڻ جوڳي شاهدي ناهي، واجد ضياءَ ۽ جاچ آفيسر قسم کڻي اعتراف ڪيو ته منهنجي خلاف شاهدي نه ملي آهي، مطمئن آهيان، سمورن نسلن جي ڇنڊڇاڻ باوجود ڪرپشن ناهي نڪتي، مان ذاتي ۽ سياسي قرباني پيش ڪئي، منهنجو 40 سالن جو سياسي ڪيريئر صاف ۽ شفاف آهي.