حالتن موجب يوٽرن نه وٺندڙ ليڊر نه بيوقوف هوندو آهي: وزيراعظم
November 16, 2018 at 7:36 pmاسلام آباد ( بيورو ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪو ليڊر حالتن موجب يوٽرن نه ٿو وٺي اهو ليڊر ئي ناهي، هٽلر ۽ نپولين يوٽرن نه وٺي وڏي شڪست کاڌي. اسلام آباد ۾ سينئر صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته چين جي دوري جا هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، هن ڀيري چين جو دورو جيترو ڪامياب رهيو اوترو ڪنهن به وزيراعظم جو ڪامياب نه رهيو آهي، چين مان هر قسم جي امداد ملي رهي آهي اسان مطمئن آهيون. هن چيو ته جيڪو ليڊر حالتن موجب يوٽرن نه وٺي اهو ليڊر ئي نه هوندو آهي، جيڪو يوٽرن وٺڻ نه ٿو ڄاڻي ان کان وڌيڪ بيوقوف ليڊر نه هوندو آهي، هٽلر ۽ نيپولين يوٽرن نه وٺي وڏي شڪست کاڌي، جڏهن ته نواز شريف عدالت ۾ يوٽرن نه ورتو پر ڪوڙ ڳالهايو. سندس چوڻ هو ته ڦريل دولت جي واپسي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، دبئي ۾ پاڪستان جي 15 ارب ڊالرن جو پتو لڳايو ويو آهي، برطانيا، سوئٽزرلينڊ سان ٺاهه ٿي چڪو آهي، معاهدن سان ملڪ جي ڦريل دولت واپس آڻن ۾ مدد ملندي، جڏهن ته پرڏيهه ۾ ملڪيتن جي انڪشافن تي مخالف ڌر جي تنقيد ڪئي وئي آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته احتساب قانون ۾ ترميم جي ضرورت آهي، نيب ننڍن ڪيسن ۾ ڦاسي چڪو آهي، سندس ڪارڪردگي متاثر ٿي رهي آهي. هن چيو ته ڪرپشن ڪيسن کي منهن ڏيندڙ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين نه ٿو بڻجي سگهي، شهباز شريف کي پي اي سي چيئرمين بڻائڻ قوم سان ڀوڳ هوندو تنهن ڪري کيس ڪنهن به صورت ۾ پي اي سي چيئرمين نه بڻايو ويندو. وزيراعظم عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي عملدرآمد ڪرايو ويندو.