حج جا 70 سيڪڙو خرچ سعودي عرب مان اچن ٿا جن تي اسان جو ڪنٽرول ناهي:وفاقي وزير

February 1, 2019 at 6:52 pm

اسلام آباد (بيورو ) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير علي محمد خان حج خرچن تي سبسڊي نه ڏيڻ بابت مخالف ڌر جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي جواب ڏيندي چيو آهي ته حج جا 70 سيڪڙو خرچ سعودي عرب مان اچن ٿا جن تي اسان جو ڪنٽرول ناهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ حڪومت جي حج پاليسي 2019ع ۾ سبسڊي نه ڏيڻ بابت جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو ۽ جماعت اسلامي حج خرچن ۾ اضافي خلاف احتجاج به ڪيو. جماعت اسلامي جي ميمبر مشتاق احمد چيو ته حڪومت جي دعويٰ هئي ته مديني جي رياست قائم ڪنداسين، سندس پهرين حج پاليسي مايوس ڪندڙ آهي، دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پاڪستان مان ماڻهو حج ۽ عمري تي ويندا آهن، مهانگائي جي سونامي جي وڪڙ ۾ حج به اچي ويو آهي. هن چيو ته مديني جي رياست جا دعويدار ماڻهن کي مڪي مديني جي زيارت کان روڪي رهيا آهن. ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي علي محمد خان چيو ته اسد عمر چاهي پيو ته حج خرچن تي رليف ملي، اسان جي به ڪوشش آهي ته حج خرچن تي رليف ملي وڃي پر حج جا 70 سيڪڙو خرچ سعودي عرب ۾ اچن ٿا جنهن تي اسان جو ڪنٽرول ناهي. هن چيو ته سعودي عرب ۾ حج خرچن ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، حج تي عمارت جا خرچ وڌي 94 هزار ٿي ويا آهن، ٽرانسپورٽ تي ڀاڙو وڌي 13 هزار، کاڌي جا خرچ وڌي 38 هزار، مديني ۾ رهائش جا خرچ وڌي 40 هزار، لازمي حج چارجز 70 هزار ۽ قرباني جا خرچ به وڌي 19 هزار ٿي ويا آهن.ممڪلتي وزير چيو ته سال 18- 2017ع ۾ حج خرچن ۾ ڪجهه نه ڪجهه اضافو ڪرڻ گهرجي ها پر اليڪشن سبب حڪومت حج خرچن ۾ اضافو نه ڪيو، اسان به ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ڪجهه نه ڪجهه رليف ملي وڃي. علي محمد خان چيو ته مديني جي رياست ۾ ماڻهن سان سچ ڳالهايو ويندو آهي، اسان مديني جي رياست قائم ڪري ڏيکارينداسين. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين به حڪومت کي حج تي سبسڊي ڏيڻ لاءِ چيو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو