حملي پويان موجود عنصر ۽ سببن کي فوري طور وائکو ٿيڻ گهرجي:وزيراعظم

November 23, 2018 at 7:23 pm

اسلام آباد( بيورو )  وزيراعظم عمرا خان ڪراچي ۾ چيني قونصليٽ جنرل ٻاهران حملي ۽ فائرنگ جي مذمت ڪندي واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم عمران خان پنهنجي بيان ۾ چيو ته حملي پويان موجود عنصر ۽ سببن کي فوري طور وائکو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته  دهشتگرد حملو پاڪ چين معاشي ۽ اسٽريٽجڪ سهڪار خلاف سازش آهي پر اهڙي قسم جا واقعا ٻنهي ملڪن جي واقعن کي متاثر نه ٿا ڪري سگهن، پاڪ چين دوستي هماليا کان بلند ۽ سمنڊ کان گهري آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته پوليس ۽ رينجرز نهايت بهادري جو مظاهرو ڪندي بهتر نموني دهشتگرد حملو ناڪام بڻايو جنهن تي سموري قوم کي فخر آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو