حڪومتي ميمبر نٿا چاهين ته بجيٽ اجلاس جاري رهي: خواجه آصف
June 14, 2019 at 4:13 pmاسلام آباد )( بيورو ) پاڪستان مسلم ن جي اڳواڻ خواجه آصف جو چوڻ آهي ته حڪومتي پارٽي نٿي چاهي ته بجيٽ اجلاس جاري رهي. اجلاس ملتوي ٿيڻ کان پوءِ قومي اسيمبلي ٻاهران مخالف ڌر ميمبرن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان مسلم ليگ ن جي خواجه آصف چيو ته جيڪڏهن حڪومتي ميمبرن جو اهو رويو برقرار رهيو ۽ ايوان اسپيڪر يا ڊپٽي اسپيڪر کان ڪنٽرول نٿو ٿي سگهي ته پوءِ ان سان نظام تباهه ٿيندو. خواجه آصف چيو ته حڪومتي ميبرن چيو ته اسان کي هدايتون ڏنيون ويون آهن ته ايوان کي غير منظم ڪريون، وزيراعظم عمران خان چيو ته مخالف ڌر ميمبرن ساڻس بدتميزي ڪندا آهن. خواجه آصف چيوته جيڪڏهن حڪومت بجيٽ اجلاس نٿي ڪرڻ چاهي، ان کي منظور ڪرڻ ۾ دلچسپي نٿي رکي ته پوءِ اسان به نه چاهينداسين ته بجيٽ منظور ٿئي. هن چيو ته جيڪي ڪنيٽرن تي بيهي تهذيب ۽ شائستگي جا ليڪچر ڏيندا هئا ۽ جهڙي زبان استعمال ڪندا هئا اڄ به ڊي چوڪ ۽ سڄي ملڪ ۾ ان جي گونج باقي آهي.مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو ته عمران خان ڊي چوڪ ۾ ڇا ڇا نه ڪيو، جنهن نموني پي ٽي وي تي حملو ڪيو ويو ۽ اسيمبلي جي حدن ۽ لان ۾ کٽون رکيل هيون، ٽوائلٽ ٺاهيا ويا هئا، هنن لاءِ اسيمبلي جو تقدس اهو هو ۽ اڄ هو اسان کي بدتميزي جو مهڻو ڏئي رهيو آهي.خواجه آصف چيو ته جيڪي اسميبلي اندر ويٺا آهن هي اهي ماڻهو آهن، هي پاڪستان جي 20 ڪروڙ عوام جي چونڊيل نمائندن جو ايوان آهي اوهان جي ذهنيت جو ٽوائلٽ ناهي جو اوهان ايوان ۾ اچي پارلياماني روايتن ۽ پاڪستان جي توهين ڪريو