حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪري عوام سان ڪوڙ ڳالهايو آهي: مريم اورنگزيب

November 30, 2018 at 7:52 pm

اسلام آباد ( بيورو )  مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڊالر جي اگهه ۾ اضافو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته حڪومت آءِ ايم ايف جا شرط مڃي ورتا آهن. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ اضافي تي پنهنجو رد عمل ظاهر ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته حڪومت آءِ ايم ايف سان ٺاهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ عوام سان ڪوڙ ڳالهايو آهي، عوام کي ٻڌايو وڃي ته ڪهڙن شرطن تي آءِ ايم ايف سان ٺاهه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته  ناڻي واري وزير اسد عمر 100 ڏينهن جي تقريب ۾ ڪوڙ ڳالهايو ۽ قوم سان دوکو ڪيو، فريبي ۽ جعلي حڪومت جو رات وچ ۾ هڪ وڏو ڌاڙو ۽ قوم سان دوکو سامهون اچي ويو. سندس چوڻ هو ته ڊالر جي اگهه ۾ اضافي سان بدترين مهانگائي ايندي، قوم سان ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ دوکو ڏيڻ تي عمران خان حڪومت استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. مريم اورنگزيب چيو ته ثابت ٿي ويو ته حڪومت هلائڻ ۽ قوم جي مسئلن جو حل عمران خان حڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي، وقت ۽ حالتون شاهدي ڏئي رهيا آهن ته انڊي مرغي جي سرڪار نه هلندي. هن چيو ته ڪڪڙين ۽ آنن سان معيشت ٺيڪ ڪرڻ جو فارمولو ڏيندڙن مان اها ئي اميد ڪري سگهجي ٿي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو