حڪومت جي نااهلي سان مهانگائي جو طوفان اچي رهيو آهي: احسن اقبال
March 31, 2019 at 7:49 pmشڪر ڳڙهه ( م ڊ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت جي نااهلي سان ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان اچي رهيو آهي، سستي، بجلي ۽ گئس ڏيڻ جي دعويدار ليڊر عوام کي دوکو ڏنو، شيون سستيون ڪرڻ بدران حڪومت عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، ماضي جي ڀيٽ ۾ مهانگائي بلند ترين سطح تي پهچي چڪي آهي، رپئي جي بي قدري سان پرڏيهي قرضن جو بار وڌي رهيو آهي. شڪر ڳڙهه ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف کي جدوجهد بعد رليف مليو، مسلم ليگ ن قائد جيل ۾ حقن جي جنگ وڙهي نئون مثال قائم ڪيو، نواز شريف احتساب عدالت جي فيصلن خلاف آئين ۽ قانون جي جدوجهد جو رستو اختيار ڪيو. هن چيو ته نواز شريف سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي عمل ڪيو، مسلم ليگ ن عوام جي عدالتن ۾ سرخرو ٿيندي.