حڪومت جي ڪارڪردگي نه هئڻ سبب شيخ رشيد استعيفيٰ جو سوچي رهيو آهي: نبيل گبول جي دعويٰ

February 3, 2019 at 7:20 pm

ڪراچي (اسٽاف رپورتر) پ پ جي مرڪزي اڳواڻ سردار نبيل گبول تحريڪ انصاف جي حڪومت کي انڊر ٽوئنٽي ٽيم ڪوٺيندي چيو آهي ته حڪومت جي ڪارڪردگي نه هئڻ سبب شيخ رشيد استعيفيٰ لاءِ سوچي رهيو آهي، حڪومتي ڪارڪردگي سبب عوام سان گڏ پارٽي ۾ موجود ماڻهو به پريشان آهي، هيءَ انڊر ٽوئنٽي حڪومت آهي، هڪ مهيني جي خلاف عمران خان خلاف عدم اعتماد واري رٿ اچي سگهي ٿي، ان ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ جلد قومي اسيمبلي جي اسپيڪر خلاف عدم اعتماد واري رٿ اچي رهي آهي، خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته مخالف ڌر هاڻ پڪو پهه ڪيو آهي ته عوام کي مهانگائ/ي، ۽ ڏکيائين مان ڪڍڻو آهي، حڪومت واعدن موجب ڪم نه ڪيو آهي، هن چيو ته اسان ڪنهن ڊيل نه پيا ڪريون پر مخالف ڌر جي سمورين پارٽين سان رابطا آهن، تحريڪ انصاف کي وقت ڏيڻ چاهيون ٿا پر هاڻ ته ان کي آڻڻ وارا به پريشان آهن، هن چيو ته ساهيوال سانحي جي ذميواري حڪومت تي ئي لاڳو ٿئي ٿي، بيگناهه ماڻهن کي گوليون هڻڻ ۽ پوءِ الزام لڳائڻ حڪومت جي نااهلي آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو