حڪومت طرفان آصف زرداري جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

December 27, 2018 at 8:17 pm

اسلام آباد ( بيورو ) وفاقي ڪابينا مني لانڊرنگ بابت جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ شامل آصف زرداري سميت 172 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪيترن ئي منصوبن سميت اهم منظوريون ڏنيون ويون.  وزيراعظم آفيس ۾ جاري ڪابينا جي اجلاس دوران 20 نقاطي ايجنڊا تي ڳالهيون ڪيون ويون.  وزيراعظم ۽ ڪابينا جي ميمبرن علي رضا عابدي لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي جڏهن ته  وفاقي وزير نور الحق قادري جي والد جي لاڏاڻي تي به افسوس جو اظهار ڪيو ويو.  ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي فواد چوڌري چيو ته مني لانڊرنگ بابت جاچ ڪندڙ  گڏيل جاچ ٽيم رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي ان ۾ ايف آءِ اي ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن. هن چيو ته حڪومت کي مني لانڊرنگ لاءِ استعمال ڪيو ويو، هن هڪ صوبي کي يرغمال بڻايو تنهن ڪري ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته 172 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويندا. سندس چوڻ هو ته اميد آهي ته آصف زرداري جي آءِ ٽي کي سنجيدگي سان وٺندو، جن ماڻهن کي اڃا سنجيدگي جو احساس نه ٿي رهيو آهي مستقبل ۾ اندازو ٿي ويندو، هي پراڻو پاڪستان ناهي جتي وڏا ماڻهو سوديبازي ڪري وٺن. فواد چوڌري چيو ته جي آءِ ٽي جن ماڻهن جي چونڊ ڪئي آهي تن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويندا، ظاهر آهي ته آصف زرداري کانسواءِ ڪا شيءَ ڪئين ممڪن ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪراچي جي صورتحال تي به غور ڪيو ويو، ڪراچي جو امن معيشت سان جڙيل آهي، اسان شهر جي امن کي خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. سندس چوڻ هو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جو باني الطاف هسين جهڙي نموني برطانيا ۾ ويهي ماڻهن کي قتل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري رهيو آهي انهن معاملن کي برطانوي حڪومت سان اٿاريو ويندو جڏهن ته وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ ڏکڻ آفريڪا جي گينگ به متحرڪ آهن تنهن ڪري پرڏيهي آفيس ڏکڻ آفريڪا جي حڪومت سان به معاملو اٿاريندي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو