حڪومت طرفان ظالماڻا ٽيڪس لاڳو ڪرڻ قبول ناهي:مخالف ڌر اڳواڻ

January 23, 2019 at 7:15 pm

اسلام آباد ( بيورو ) مخالف ڌر حڪومت طرفان اڄ قومي اسمبلي جي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندڙ مني بجيٽ جي مخالفت ڪندي سخت احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  قومي اسمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي چيمبر ۾ مخالف ڌر جو گڏيل اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا آهن. اجلاس ۾ مريم اورنگزيب، راڻا تنوير، راڻا ثناءَ الله، نويد قمر، خورشيد شاهه، شيري رحمان، راجا پرويز اشرف ۽ امير حيدرخان شرڪت ڪئي. خانگي ٽي وي چئنل جي رپورٽن موجب اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن گڏيل طور تي فيصلو ڪيو آهي ته مني بجيٽ جي سخت مخالفت ڪئي ويندي ۽ قومي اسمبلي جي اجلاس ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو، اڳواڻن چيو ته حڪومت طرفان ظالماڻا ٽيڪس لاڳو ڪرڻ قبول ناهي.  پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نويد قمر ان موقعي تي چيو ته حڪومت پهريان مني بجيٽ ۾ 70 ارب رپين جا ٽيڪس هنيا ۽ هاڻ وڌيڪ 170 ارب رپين جا ٽيڪس لڳايا پيا وڃن.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو