حڪومت وٽ ايترا پئسا ناهن جو هو سرڪاري ادارن ۾ سمورن ماڻهن کي نوڪريون ڏئي: حفيظ شيخ
November 24, 2019 at 6:43 pmاسلام آباد(بيورو) ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته واپارين سان گڏ ڳالهين ۾ معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.قومي سڃاڻپ ڪارڊ ڊاڪومينٽيشن جو حصو هوندو. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي حفيظ شيخ چيو ته اسان کي ٽيڪس جي شرح کي وڌائڻو آهي. اسان کي بزنس ڪميونٽي ۽ عام ماڻهن کي اها ڳالهه سمجه ائڻي پوندي ته حڪومت وٽ ايترا پئسا ناهن جو هو سرڪاري ادارن ۾ سمورن ماڻهن کي نوڪريون ڏئي سگهي پر ملڪ ۾ روزگار جا موقعا وڌائڻ جي لاءِ حڪومت کي فيصلا ڪرڻا پوندا.ان سلسلي ۾ سستي گهرن جي لاءِ 30 ارب روپين جو پيڪيج ڏنو آهي. ناڻي واري صلاحڪار چيو ته اسان ٻين جڳهين تان ڪٽ لڳائي اهي پئسا ڪڍنداسين. اسان جي ڪوشش آهي ته ڪنهن شيءَ جي قيمت نه وڌايون. پوين چار مهينن کان تيل جون قيمتون ناهن وڌايون. پوئين حڪومتن جي سٺن پروگرامن کي ٻيڻو ڪيو ڪابه حڪومت سڀ ڪجهه خراب ناهي ڪندي.عبدالحفيظ شيخ چيو ته پاڪستان جو سڀني کان وڏو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ورثي ۾ مليو. ڇو ته هاڻ اسان درآمدات کي ڪافي گهٽ ڪري ورتو آهي هاڻ اسان جي بنيادي ڪوشش برآمدات وڌائڻ جي طرف هجڻ گهرجي. پي ٽي آءِ حڪومت اقتدار ۾ آئي ته قرض ۾ ماهانه اضافو 38 ارب روپين جو ٿي رهيو هو هاڻ هي ماهانه 12 ارب روپيه آهي.ڪوشش آهي ته ڊسمبر 2020 کان اڳ ان کي ٻُڙي ڪيو وڃي. ناڻي واري صلاحڪار چيو ته اسان جون ڪوششون آهن ته آئنده بجلي جي بلن ۾ گهٽ کان گهٽ اضافو ڪريون. ريفنڊ کي ڄاڻي واڻي روڪڻ اسان جي پاليسي ناهي. وزيراعظم عمران خان جي پاليسي کي اوهان اهڙي طرح سان پيش ڪري سگهو ٿا ته ڪوبه قانون ٽوڙي ته اسان چاهيون ٿا ته ان مٿان ڪارروائي ڪئي وڃي.