حڪومت پاران آصف زرداري جي نااهلي لاءِ ريفرنس داخل ڪرڻ جو اعلان
December 19, 2018 at 8:38 pmاسلام آباد(بيورو) اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته آصف زرداري آمريڪا ۾ هڪ اپارٽمينٽ جو مالڪ آهي، جنهن کي هن نامزدگي ڪاغذن ۾ ظاهر ناهي ڪيو ۽ خرم شير زمان کي ان خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو چيو آهي.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري جو ڇوڻ هو ته آصف زرداري آمريڪا ۾ هڪ اپارٽمينٽ جو مالڪ آهي، جنهن کي هن پنهنجي نامزدگي ڪاغذن ۾ ظاهر ناهي ڪيو، آرٽيڪلڪ 62،63 تحت ميمبرن لاءِ سمورا اثاثا ظاهر ڪرڻ لازمي آهي، ان لاءِ آصف زرداري اسيمبلي ميمبر رهڻ جي اهل ناهي، خرم شير زمان کي آصف زرداري خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو چيو آهي.فواد چوڌري چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري پنهنجي آخري چونڊ وڙهي چڪا، هي ماڻهو تاش جي پتن جيان وکري رهيا آهن، پاڪستان جي سياست ۾ صحتمند ماحول سامهون ايندو. هن چيو ته اسان جي حڪومت ادارن ي خودمختيار بڻايو آهي، پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ ماحول تبديل ٿي رهيو آهي.