حڪومت پاران ڀارتي اڳرائي جو معاملو فوري طور عالمي سطح تي اٿارڻ جو فيصلو
February 26, 2019 at 7:47 pmاسلام آباد(بيورو) حڪومت ڀارت طرفان هوائي اڳرائي جو معاملو فوري طور تي عالمي سطح تي اٿارڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ڀارت جي اڳرائي واري معاملي تي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اعليٰ سطح جو هنگامي جالاس ٿيو جنهن ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، دفاعي وزير پرويز خٽڪ ۽ سينيئر فوجي اختياريون به شريڪ ٿيون.ذريعن موجب اجلاس ۾ ڀارتي اڳرائي کانپوءِ ايندڙ لائحه عمل تي تفصيلي غور ڪيو ويو، ان دوران پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڀارتي جهازن جي حدون اورانگهڻ کانپوءِ جي صورتحال تي بريفنگ ڏني جڏهن ته فوجي قيادت ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي تيارين کان آگاهه ڪيو، اجلاس کي پاڪ فضائيه جي جهازن جي فوري ريسپانس جي حوالي سان به بريف ڪيو ويو.سيڪيورٽي اختيارين بريفنگ ۾ ٻڌايو ته زميني ۽ هوائي سرحدي نگراني جو مضبوط مڪينزم موجود آهي. ذريعن موجب اجلاس ۾ ڀارتي هوائي اڳرائي جو معاملو فوري طور تي عالمي سطح تي اٿارڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن جي تحت پاڪستان اهو معاملو او آءِ سي، دوست ملڪن ۽ گڏيل قومن ۾ فوري طور اٿاريندو.