حڪومت ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام جو واعدو پورو ڪري، مخالف ڌر مڪمل سهڪار ڪندي:احسن اقبال

December 11, 2018 at 12:18 am

نارووال ( م ڊ ) اپوزيشن پارٽي پاڪستان مسلم ليگ نون جي مرڪزي اڳواڻ احسن اقبال ڏکڻ پنجاب صوبو قائم ڪرڻ لاءِ آئيني ترميم ۾ وفاقي حڪومت جي مدد جي آڇ ڪري ڇڏي. نارووال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته  حڪومت ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام جو واعدو پورو ڪري، مخالف ڌر مڪمل سهڪار ڪندي. اڳوڻي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت جلد چونڊن ڪرائڻ جو رسڪ نه کڻندي، چونڊيون تڪڙيون ٿيون ته عوام سندن نمائندن جون ضمانتون ضبط  ڪرائي ڇڏيندو. هن چيو ته اسان جي پنجن ورهين جي محنتن تي پاڻي هاريو ويو. رپئي جي قدر ۾ ڪمي جو مثال نٿو ملي.
احسن اقبال چيو ته هن وقت جيڪو احتساب جو عمل آهي، اهو مسلم ليگ ن خلاف ٽارگٽ آهي، پي ٽي آءِ جي ماڻهن تي مسلم ليگ ن کان وڌيڪ سنگين ڪيس نيب ۾ التوا هيٺ آهن، ڏسنداسين ته نيب پي ٽي آءِ جي ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڇا ايتري ڦڙتي ڏيکاري ٿو جيتري شهباز شريف جي گرفتاري ۾ ڏيکاري وئي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو