خطي جي سمورن ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا: شاهه محمود قريشي
November 29, 2018 at 6:20 pmاسلام آباد (بيورو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته امن اسان لاءِ تمام ضروري آهي، امن ٿيندو ته خطو مضبوط ٿيندو ۽ ماڻهن کي روزگار ملندو، خطي جي سمورن ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن حڪومت جي سئو ڏينهن جي ڪارڪردگي تي ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ ”نئين پاڪستان جو بنياد رکي ڇڏيو“ جي عنوان سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته ڪالهه نظر اچي رهيو هو پاڙيسري ملڪ ڇا ٿو چاهي، ڀارت، پاڪستان کي اڪيلو ڪرڻ جو خواهشمند آهي پر اسان ان سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا. شاهه محمود قريشي موجب ماڻهن چيو ته ويهڪ لاءِ نريندر مودي کي خط لکو، پاڪستان ڳالهين جي دعوت ڏني پر ڀارت انڪار ڪيو، ڀارت امن لاءِ هڪ قدم وڌائي اسان ٻه قدم وڌائينداسين. هن چيو ته پاڪ – ڀارت پرڏيهي وزيرن جي ملاقات ٿئي ها ته سٺو هو، سشما سوراج سياسي مجبوري سبب ملڻ کان انڪاري آهي. پرڏيهي وزير چيو ته حڪومت سنڀاليندي ئي اڳ ۾ افغانستان جو دورو ڪيو، پرڏيهي پاليسي جو نئين سر جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو، عمران خان حڪومت جي ترجيح اها ئي هئي ته خطي ۾ امن ٿئي، حڪومت سنڀاليندي ئي سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن جا دورا ڪيا. سندس چوڻ هو ته آمريڪا چئي چڪو آهي اسٽريٽجڪ پارٽنر پاڪستان نه ڀارت آهي، آمريڪي بيان کان پوءِ عمران خان جي هڪ ٽوئيٽ ذريعي تيز نشاني تي هنيو.