:دايو حيدر مگسي مادر وطن سنڌ جي وحدت سان وچن مارچ
October 28, 2019 at 5:58 pmبابو حيدر مگسي
سنڌ ترقي پسند پارٽي هر دور ۾ ۽ هر ڏکي وقت ۾ سنڌ جي قومي شعور کي جاڳائڻ لاءِ پهل ڪندي رهي آھي, پنهنجي وجود جي پهرين ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين هميشه سرواڻي وارو ڪردار ادا ڪندي رهي آھي، ان عظيم جدوجهد ڪرڻ سبب ڪجھ ڌريون هميشه پارٽي تي ۽ ان جي سموري قيادت مٿان الزامن جي بارش به ٿيندي رهي، پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي ڪردار ڪشي لاءِ سڀئي حيلا به هلايا ويا. پر تاريخ اندر انقلابي ڪردارن توڙي اڳواڻن سان ائين ئي ٿيندو رهيو آهي. پاڻ جڏھن دنيا جي ٻين انقلابي اڳواڻن توڙي قومي تحريڪن ڏانهن نظر ڊوڙايون ٿا ته اها ڳالھ چٽي ٿي سامهون اچي ٿي ته، وقت جي ويرين جي ڪوڙي پروپيگنڊا جو مقابلو ڪندي اڳتي وڌي اُهي پنهنجي تاريخ رقم ڪندي امر ٿي ويا. آفريقا جي قومي تحريڪ ۽ اڳواڻن سان به ڪجھ ائين ئي ٿيندو رهيو. نيلسن منڊيلا ۽ پروفيسر ڪيٿراڊا جي قيادت سنڀالڻ کان اڳ وارا اڳواڻ عوام جي مخالفن لاءِ ڪم ڪندا هئا، تڏهن آفريقن قوم روز بروز غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙجندي رهي، پر جڏھن نيلسن منڊيلا ۽ ان جي انقلابي ساٿين قيادت سنڀالي ته قوم ۾ سجاڳيءَ پيدا ٿيڻ شروع ٿي.
هُنن تي به پهريان الزام هنيا ويا، پر هنن جي انقلابي سوچ شڪست قبولڻ بدران پنهنجي شعوري سگھ سان فتح طرف وڌندا رهيا. جيل ۽ سختيون هنن جي حوصلن کي پست نه ڪري سگهيون. تاريخ اندر آفريقن قوم سرخرو بڻجي پنهنجي ملڪ کي ذلتن ۽ غلاميءَ جي زنجيرن مان نجات ڏياري آزاد ۽ باوقار قوم بڻائي دنيا لاءِ روشن مثال قائم ڪيا. ساڳئي طرح دنيا جي ٻين انقلابي تحريڪن سوويت يونين اندر ڪامريڊ لينن، اسٽالن ۽ ٻين انقلابي اڳواڻن جي زار جي حمايتن جي سخت پروپيگنڊا ۽ مخالفت کي منهن ڏيڻو پيو. ڪامريڊ لينن کي جلاوطني جون سزائون، ٽارچر سيل جون صعوبتون ۽ مٿس قاتلانه حملا پنهنجي عظيم منزل کان جهڪائي نه سگهيا. هنن عظيم انقلابي اڳواڻن هڪ طرف مخالفن سامهون رُڪ جي ديوار ٿي مقابلو پئي ڪيو ته ٻئي پاسي انقلابي تنظيم کي مضبوط ڪندي انقلاب لاءِ راهه هموار پئي ڪئي. ائين ئي سموري مخالفت ۽ ڪٺن صورتحال توڙي سرمائيداري، مخالفت باوجود به هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيا ۽ 1917ع ۾ انقلاب برپا ڪري پورهيت راڄ قائم ڪري استحصالي قوتن کي تاريخي شڪست ڏني. ساڳئي طرح چين اندر به ڪامريڊ مائو ۽ ساٿين پڻ آفيم ۾ ڌت بڻيل قوم کي بيدار ڪري 2 آڪٽوبر 1949ع ۾ انقلاب آڻي پاڻ کي دنيا جي باوقار ۽ خوشحال قومن جي صف ۾ بيهاريو. ان کان پهرين ڪامريڊ مائو پڻ سخت ۽ مشڪل حالتن مان گذري پنهنجي سياسي زندگيءَ جو آغاز ڪيو. هن جڏھن 16 آڪٽوبر 1934ع ۾ تاريخ جو پهريون لانگ مارچ جيڪو 80 هزار ماڻھن تي مشتمل هو ۽ ھڪ هزار ڪلوميٽر جو مفاصلو هنن کي طئي ڪرڻو هو، جنهن ۾ ھزارين ماڻھو ۽ ھن جي خاندان جا ويجها عزيز جن ۾ ھن جو پٽ به شامل هو، مري ويو ۽ جڏھن پنهنجي منزل تي پهتا ته ساڻن گڏ باقي 34 هزار ماڻھو بچيا. ان باوجود به ڪامريڊ مائو ۽ سندس ساٿي پريشان ۽ بدحواس نه ٿيا، پنهنجي ارادي ۾ اٽل ۽ عزم ۾ اڏول بيٺا رهيا ۽ پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيا.
ڪيوبا اندر فيڊرل ڪاسترو ۽ ويٽنام اندر ڪامريڊ هوچي منھ ۽ ساٿين سميت ڪوريا، بوليويا، ونزويلا سميت دنيا جي ٻين ملڪن اندر هلندڙ انقلابي تحريڪن ۽ انقلابي اڳواڻن کي شيشن تان گذرڻو پيو. سو انهن ملڪن ۽ دنيا جي انقلابي تحريڪن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ پاڻ وري سنڌ طرف اينداسين ته 80 واري ڏھاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سنڌي شاگردن خلاف ٻاهرين غنڊن تر تپائي ڏنو هو. سمورو ماحول علم دشمن عنصرن جي ور چڙھيل هو. اهڙي ماحول ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌي شاگردن سان ٿيندڙ ظلم ۽ انياءَ خلاف ميدان تي نڪري پيو. هو پنهنجي ساٿين سان تعليمي ادارن اندر بهتر ۽ صحتمند سياسي ماحول پيدا ڪرڻ ۾ سڀني کان اڳيان اڳيان هو. ڊاڪٽر قادر مگسي شاگرد سياست ۾ نيون روايتون وجهندي سڀني کي گڏ کڻي هليو. ايتري قدر جو ڊي ايس ايف وارن جي به مدد ڪندو هو ۽ انهن سان مثبت بحث مباحثو ڪندو هو. هاسٽلن ۾ ان وقت شھيد نظير عباسيءَ جي ورسي پڻ ملهائي، جنهن تي مٿس سياسي دوست به ڪاوڙيا، ليڪن هن مانجهي مڙس جي همت ۽ جرئت ۾ ڪوبه لوڏو ۽ لهر نه آيو. ان وقت جي حالتن ۽ ماحول بابت ڊاڪٽر قادر مگسيءَ جو سياسي عمل ساراهه جوڳو رهيو، جنهن کي تاريخ درست قرار ڏنو. ڊاڪٽر قادر مگسي عمل، تربيت، ڪردار ۽ علم جي حاصلات کي اوليت ڏيندڙ اڳواڻ طور پنهنجي شاگرديءَ واري دور ۾ ئي سامهون آيو. ڪيترن ئي وڏن نالن کي پوئتي ڇڏي پاڻ اڳتي وڌندو رهيو. هي اُهي ڏينهن هُئا، جڏهن حيدرآباد جهڙي شهر ۾ سنڌي ماڻهن جي داخلا تي ڄڻ ته اڻ اعلانيل پابندي هوندي هُئي. جيڪڏهن ڪنهن ڪم سانگي ماڻهو شهر جو رُخ ڪندا به هُئا ته پنهنجي سنڌي هُجڻ واري شناخت کي لڪائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا هُئا جو تڏهن نسل پرست سوچ جو عروج هو. جنهن خلاف سندس مزاحمت سنڌ جي ستل، ڪاهل ۽ ڪمزور ماڻھن ۾ اتساهه، قومي بغاوت، جرئت ۽ جوان مردي جا جذبا بيدار ڪيا. جڏھن ڊاڪٽر قادر مگسي کي گرفتار ڪري غائب ڪيو ويو، تڏھن پوري سنڌ مڪمل طور بند ٿي، قومي ٻڌيءَ جو ثبوت ڏنو. ايتري قدر جو ريل گاڏيون توڙي اڏامون پڻ بند رهيون. سنڌ پهريون ڀيرو ڪنهن اڳواڻ جي گرفتاريءَ ڪري ٻري اٿي هُئي. تاريخ گواهه آھي ته ان وقت جي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي حيدرآباد آمد تي هزارين عورتن کانئس سوال ڪيا ته ڊاڪٽر قادر مگسي ڪٿي آھي پوءِ جلد ئي ان وقت جي وفاقي گهرو وزير اعتزاز احسن ميڊيا سامهون اچي ٻڌايو ته ڊاڪٽر قادر مگسي زنده ۽ پوليس وٽ صحيح سلامت آھي، پوءِ ڊاڪٽر قادر مگسي کي چئن سالن تائين ٽارچر سيلن ۾ قيد ۽ بند رکيو ويو، پر ھن جي همت، حوصلي، جرئت، بهادري ۽ دانشمندي ۾ تر جيتري به ڪمي ۽ گهٽتائي نه آئي. ,\”vertical\”:{\”width\”:800,\”height\”:1280},\”horizontal\”:{\”width\”:1280,\”height\”:800}},\”modes\”:[{\”title\”:\”default\”,\”orientation\”:\”vertical\”,\”insets\”:{\”left\”: