دبئي ۾ وڌيڪ 220 پاڪستانين جي ملڪيت جو انڪشاف
November 30, 2018 at 7:50 pmاسلام آباد ( بيورو ) سپريم ڪورٽ ۾ پاڪستانين جي پرڏيهه ملڪيتن ۽ اڪائونٽس بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران دبئي ۾ وڌيڪ 220 پاڪستانين جي ملڪيت جو انڪشاف ٿيو آهي، ايف آءِ اي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ پاڪستانين جي پرڏيهه ۾ ملڪيتن ۽ اڪائونٽس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ايف آءِ اي دبئي ۾ وڌيڪ 220 پاڪستانين جي ملڪيتن بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 220 وڌيڪ پاڪستانين جي دبئي ۾ 656 ملڪيتن جو انڪشاف ٿيو آهي، دبئي ۾ ملڪيت ٺاهيندڙ پاڪستانين جو تعداد 1115 تائين ٿي ويو آهي. رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو ته 1115 پاڪستانين جي بدئي ۾ 20129 ملڪيتون آهن، 417 پاڪستانين ايمنسٽي اسڪيم تحت دبئي ۾ ملڪيتن کي ظاهر ڪيو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايمنسٽي اسڪيم مان فائدو حاصل ڪرڻ ۾ سنڌ گوءِ کڻي وئي آهي، سنڌ جي 267 ماڻهن ايمنسٽي اسڪيم تحت دبئي جي ملڪيت ظاهر ڪئي، پنجاب 117، ڪي پي 4 ۽ اسلام آباد جي 4 ماڻهن دبئي ۾ ملڪيت ظاهر ڪئي. رپورٽ موجب بلوچستان جي ڪنهن شهري ايمنسٽي اسڪيم مان فائدو نه ورتو آهي، ايف آءِ اي سامهون 351 پاڪستانين ملڪيت ظاهر ڪئي. دبئي ۾ ملڪيت رکندڙ 63 پاڪستانين جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب 9، سنڌ جي 43 ماڻهن جي دبئي ۾ ملڪيت جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، اسلام آباد جي 11 ماڻهن جي دبئي ۾ ملڪيت جي تصديق نه ٿي سگهي آهي.