دعاگو آهيون ته رب پاڪ نواشريف کي صحت عطا فرمائي: فردوس عاشق اعواڻ

November 19, 2019 at 5:40 pm

اسلام آباد(بيورو)وفاقي وزير فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته دعا ڪريون ٿا ته رب پاڪ نوازشريف کي صحت عطا فرمائي.وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان انساني احترام ۽ قانون جي بالادستي جي روشن مثال قائم ڪئي.  وزيراعظم عمران خان ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي جي مشن تي عمل پيرا آهي.دعاگو آهيون ته رب پاڪ نوازشريف کي صحت ڪامله عطا فرمائي ۽ هو جلد صحتمند ٿئي ته  جيئن واپس اچي  ڪيسن کي منهن ڏئي سگهي. فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ عوامي رليف جا وڏا ايڪشن سامهون ايندا. 

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو