دنيا تسليم ڪري ته پاڪستان کي عالمي سهڪار تمام گهٽ رهيو آهي: انتونيو گوتريس
February 17, 2020 at 6:05 pm
اسلام آباد (بيورو) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي دنيا کي تسليم ڪرڻ گهرجي ته افغان پناهگيرن لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان کي عالمي حمايت تمام گهٽرهي آهي.اسلام آباد ۾ افغان پناهگيرن بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي انتونيو گوتريس چيو ته اسان يڪجهتي ۽ همدردي جي ذڪر جوڳي ڪهاڻي جو اعتراف ڪرڻ لاءِ هتي گڏ ٿيا آهيون، ائين ڪرڻ اهم آهي ڇو ته اها ڪهاڻي ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهي، 40 سالن کان پاڪستان افغان پناهگيرن لاءِ پنهنجا دَر کليل رکيا.هن چيو ته 40 سالن کان افغان عوام ڏکيائين جو شڪار آهي، پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن جي 40 سال ميزباني جي ڪهاڻي ڀائراڻن لاڳاپن ۽ قرباني جي جذبن تي ٻڌل آهي، 40 سالن کان افغانستان جي عوام ڪيترن ئي بحرانن کي منهن ڏنو، جڏهن ته ڪيترن ئي سالن کان پاڪستاني عوام انهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو، اها سخاوت هاڻ ڏهاڪن ۽ نسلن تي ٻڌل آهي، جيڪا دنيا جي تاريخ ۾ پناهگيرن جي سڀ کان ڊگهي عرصي تائين جاري رهڻ واري آهي.