دهشتگردي هڪ ناسور آهي ۽ ان ناسور کي ختم ڪرڻو پوندو:آصف زرداري
March 15, 2019 at 8:08 pmاسلام آباد ( بيورو ) پاڪستان جي سياسي اڳواڻن طرفان نيوزيلينڊ ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي معصوم انساني جانين جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو پيو وڃي. تفصيل موجب نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ ۾ ٻن مسجدن ۾ هٿياربندن طرفان انڌا ڌنڌ فائرنگ ۾ 49 نمازي شهيد ٿي ويا. پاڪستان طرفان نيوزيلينڊ ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي وئي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي نيوزيلينڊ دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته ڪرائسٽ چرچ واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي ۽ شرمناڪ حملي ۾ انساني جانين جي نقصان تي شديد ڏک پهتو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نيوزيلينڊ ۾ مسجدن تي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردي سان عالمي امن کي جيترو خطرو اڄ آهي، پهريان نه هيو. پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري به نيوزيلينڊ ۾ دهشتگردي واقعي جي مذمت ڪئي ۽ چيو آهي ته سموري دنيا کي دهشتگردي خلاف هڪ ٿيڻو پوندو، دهشتگردي هڪ ناسور آهي ۽ ان ناسور کي ختم ڪرڻو پوندو. پنجاب جي وڏي عثمان بوزدار نيوزيلينڊ ۾ مسجد ۾ فائرنگ جي سخت مذمت ڪندي انساني جانين جي نقصان تي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ شهيد ٿيندڙن جي وارثن سان گڏ آهيون. ناڻي واري وزير اسد عمر سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر نيوزيلينڊ ۾ فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته الله جو شڪر آهي ٽيم محفوظ آهي، دهشتگرد دنيا جو امن تباهه ڪري رهيا آهن، دهشتگرد جتي به ۽ جنهن مذهب سان واسطو رکندڙن هجن انهن خلاف وڙهڻ گهرجي. بچاءُ واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ نيوزيلينڊ ۾ مسجدن تي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته دنيا کي متحد ٿي ڪري دهشتگردي خلاف ويڙهه وڙهڻي پوندي، دهشتگردي جو تعلق ڪنهن به مذهب يا قوم سان ناهي هوندو، پاڪستاني قوم ۽ فورسز دهشتگردي خلاف لازوال قربانيون ڏنيون آهن. پاڪستان علامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته نيوزيلينڊ ۾ دهشتگردي وارو واقعو مذمت جوڳو آهي، دهشتگردن جو نه ڪو ملڪ آهي ۽ نه ئي ڪو مذهب، دهشتگردن جي ويڙهه انسانيت جي خلاف آهي، ڏک جي هن گهڙي ۾ نيوزيلينڊ حڪومت ۽ عوام سان ڏک جو اظهار ڪيون ٿا.