رڳو جاچ تي استعفيٰ ڏيڻي آهي ته وزيراعظم کان به استعفيٰ ورتي وڃي: مرتضيٰ وهاب

December 29, 2018 at 5:20 am

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته جيڪڏهن جاچ جي بنياد تي استعفيٰ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي ته تحريڪ انصاف پنهنجي وزيراعظم سميت ٻين ماڻهن کان به استعفيٰ وٺي.  تحريڪ انصاف طرفان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي مطالبي تي نجي ٽي وي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪالهه بلاول ڀٽو جي آءِ ٽي جي فائنڊنگز کي اڇو ڪوڙ قرار ڏنو، اسان پنهنجا ثبوت پيش ڪري پاڻ کي بي ڏوهه ثابت ڪنداسين.  هن چيو ته سياسي انتقام لاءِ جي آءِ ٽي فائنڊنگز سامهون آنديون ويون. ان کي عدالت مان رد ڪرائينداسين. سنڌ حڪومت جي سڌسماءَ بابت صلاحڪار جو چوڻ هو ته  ٻٽو معيار نه هئڻ گهرجي، انڪوائري جي بنياد تي استعفيٰ ڏيڻي آهي ته وزيراعظم، بچاءُ وارو وزير پرويز خٽڪ، ڪي پي جو وڏو وزير محمود خان ۽ پنجاب جو سينيئر وزير عليم خان خلاف به نيب جاچ ڪري رهي آهي تنهنڪري تحريڪ انصاف ۾ به ايتري اخلاقي جرئت هئڻ گهرجي ته پنهنجي جماعت کان استعفيٰ جو مطالبو ڪري.  مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته اسان آئيني ۽ قانوني رستو اختيار ڪنداسين، اي سي ايل جو قانون ان وقت آندو ويندو آهي جڏهن ڪو شخص ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هجي پر جيڪو شخص حڪومت ۾ شامل هجي ۽ صوبي جو وڏو وزير هجي ته اهڙي شخص جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ بدنيتي ظاهر ڪري ٿو.  سندس چوڻ هو ته پهريان عدالت فيصلو ڪري، ڏوهه ثابت ٿي وڃي ته اهڙي ڪارروائي ڪئي وڃي ته بهتر رهندو، اسان جي قيادت ماضي ۾ پڻ ڪيسن کي منهن ڏئي چڪي آهي ۽ هاڻ به ڏينداسين اسان ڀڄڻ وارن مان ناهيون.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو