سال 2018ع ۾ سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي بابت رپورٽ جاري

January 1, 2019 at 6:59 pm

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سال 2018 ۾ سڄي سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي بابت رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي جنهن موجب 1298 ڄڻا قتل ٿيا، ٽن بينڪ ۾ ڌاڙا لڳا، 38 ڄڻا ڀنگ لاءِ اغوا جا واقعا رپورٽ ٿيا. تفصيل موجب 2018ع ۾ سنڌ پوليس ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪئي آهي جنهن موجب دهشتگردي جا 4، ٽارگيٽ ڪلنگ 9 واقعا ٿيا، 1182 پوليس مقابلن ۾ 2206 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. رپورٽ موجب 2018ع ۾ 81 ڌاڙيل ماريا ويا، 14981 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، 14 دهشتگرد مارجي ويا، 47 کي گرفتار ڪيو ويو، 9045 اشتهاري، 18709 روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس رپورٽ موجب 82 ڪلو گرام بارود، 12 ڊيٽونيٽر، 9 راڪيٽ، 5 لانچر هٿ ڪيا ويا، هلندڙ سال 26 دستي بم، 18 بم، 4 آپگهاتي جيڪٽ هٿ ڪيا ويا. هلندڙ سال 199 ايس ايم جايز، 850 رپيٽرز هٿ ٿيا، 238 رائفل، 10101 پستول، 45395 مختلف جون گوليون هٿ ڪيون ويون. پوليس رپورٽ موجب هلندڙ سال ۾ 25441 ايراني ڊيزل پڪڙيو ويو، 373390 ڪلو گرام گٽڪو ۽ مين پڙهيون پڻ هٿ ڪيون ويون.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو