ساهيوال سانحي جي جوابدارن کي عبرت جو نشانو بڻايو وڃي:ناصر حسين شاهه
January 24, 2019 at 8:20 pmڪراچي( اسٽاف رپورٽر ) صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ساهيوال سانحي تي حڪومت جي وزيرن متضاد بيان ڏنا آهن. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته وزيراعظم عمران خان کي گهرجي ته ساهيوال سانحي تي انڪوائري جو حڪم ڏي، جي آءِ ٽي رپورٽ کي به تڪراري بڻايو ويو آهي. هن چيو ته فواد چوڌري عوام جو ڌيان اهم مسئلن تان هٽائڻ چاهي ٿو تنهن ڪري روز تڪراري بيان ڏيندو آهي، هو ڪڏهن به اصولن جي سياست نه ٿو ڪري سگهي. سندس چوڻ هو ته پي ايس ايل دوران فول پروف سڪيورٽي ڏينداسين. ناصر حسين شاهه چيو ته لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميمن بابت ٻڌايو ويو هو، اسان عدالتن جو احترام ڪندا رهنداسين. هن چيو ته سنڌ حڪومت ٻيلن جي زمين ڪنهن کي الاٽ نه ڪئي آهي ۽ غير قانوني اڏاوتن کي هٽايو ويندو.