ساهيوال سانحي جي ذميوارن کي عبرتناڪ سزا ملندي: نور الحق قادري

January 25, 2019 at 7:42 pm

پشاور ( م ڊ ) مذهبي معاملن واري وفاقي نور الحق قادري چيو آهي ته ساهيوال واقعي جي ذميوارن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي. هڪ انٽرويو ۾ نور الحق قادري چيو ته ساهيوال  سانحو افسوس جوڳو آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، وفاق ۽ پنجاب حڪومت معاملي تي متحرڪ آهي، جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ سي ٽي ڊي جي اعليٰ اختيارين کي پهريون ڀيرو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي، ذميوارن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي. هن چيو ته مسلم ليگ ن ۽ پ پ تحريڪ انصاف جي حڪومت مان ڊنل آهن، ٻنهي کي خبر آهي ته جيڪڏهن تحريڪ انصاف پنج سال پورا ڪيا ته سندن حڪومت ڪڏهن به نه ايندي اسد عمر 4  مهينن ۾ 50 سالن جو گند صاف نه ٿي ڪري سگهي، آءِ ايم ايف سان قرض سندن شرطن نه پر پنهنجي شرطن سان وٺنداسين. سندس چوڻ هو ته آپريشن سبب فاٽا ۾ آدمشماري صحيح نه ٿي، فاٽا ۾ هڪ دفعو ٻيهر درست نموني آدمشماري ٿيڻ گهرجي، هن وقت فاٽا کي صوبائي اسيمبلي جون 16 سيٽون ڏنيون ويون آهن، جڏهن ته 16 هئڻ گهرجي، رات وچ ۾ عدالتون قائم نه ٿيون ڪري سگهجن تنهن ڪري وقت گهربل آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو