سحر ۽ افطار ۾ لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ وفاق ڪي اليڪٽرڪ کي واڌو بجلي فراهم ڪري:ناصر حسين شاهه

May 7, 2019 at 9:24 pm

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آبپاشي، ورڪس اينڊ سروسز، ٻيلن ۽ جنگلي جيوت ۽ مذهبي معاملن واري سينئر صوبائي وزير  سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته رمضان مهيني ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ لوڊشيڊنگ جو خاتمو ضروري آهي. جنهن لاءِ وفاقي حڪومت کي گهرجي ته سحر ۽ افطار ۾ لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ ڪي اليڪٽرڪ کي واڌو بجلي فراهم ڪري ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي کپي ته رمضان ۾ بجلي جي مسلسل فراهمي کي يقيني بڻائي. اڄ پنهنجي جاري بيان ۾ هن چيو ته گهريلو صارفين کي لوڊشيڊنگ کان مستثني رکڻ لاءِ ڪي اليڪٽرڪ ترجيحي بنيادن تي اُپاءُ وٺي، مهنگائي جي عذاب هيٺيان دٻيل غريب عوام لوڊشيڊنگ کي برداشت نه ڪندا، ايتري شديد گرمي ۽ روضي جي حالت ۾ لوڊشيڊنگ برداشت جي قوت کان ٻاهر آهي. هن چيو ته رمضان مهيني ۾ بجلي بابت ريليف ڏئي ڪي اليڪٽرڪ عوام ۾ پنهنجو مثبت اميج بلند ڪري سگهي ٿي جڏهن حڪومت عوام کي تڪليف ڏيڻ واري ڪنهن به عمل کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي. سينئر صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت رمضان مهيني ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ لاءِ ڪوشان آهي ۽ ناجائز نفعي خور ۽ ذخيرو ڪندڙن کي منهن ڏيڻ لاءِ سڄي سنڌ جي انتظامي عملدارن رمضان مهيني ۾ وڌيڪ فعال ۽ متحرڪ هوندا جڏهن ته سٽي ايڊمنسٽريشن جا آفيسر حڪومتي حڪمن جي ناجائز نفعي خورن خلاف ڪريڪ ڊائون لاءِ فيلڊ ۾ موجود رهندا. هن چيو ته شايع ٿيندڙ سرڪاري اگهن کان وڌيڪ روزمره جي شيون وڪرو ڪندڙن خلاف سخت ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو ۽ سنڌ ۾ حڪومتي عملداري چيلنج ڪندڙن سان سختي سان پيش اچبو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو