سخت فيصلا ڪري ڇڏيا، اڳتي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي ضرورت نه پوندي: اسد عمر
December 13, 2018 at 3:04 amاسلام آباد (بيورو) ناڻي واري وزير اسد عمر چيو آهي ته پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان ڊڪٽيشن وٺڻ جي ضرورت ناهي، سخت فيصلا شروعاتي سئو ڏينهن ۾ ئي ڪري ڇڏيا، معيشت سڌي رستي تي آهي ۽ اڳتي آءِ ايم ايف وٽ نه وڃڻو پوندو. پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي اسد عمر چيو ته تحريڪ انصاف حڪومت لاءِ غلط تاثر پيش ڪيو پيو وڃي، عوام جو وڏو انگ سمجهي ٿو ته ملڪ/ سڌي رستي تي هلي رهيو آهي، ماڻهن کي وڌيڪ بهتري جي اميد آهي. سندس چوڻ هو ته جڏهن حڪومت ۾ آياسين ته خبر پئي مالياتي بيل آئوٽ پيڪيج جي ضرورت آهي، ان آءِ ايم ايف پروگرام کي آخري بڻائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي، امپورٽ پاليسين سبب قرض جي بار ۾ اضافو ٿيو، مقامي شين ۽ ايڪسپورٽ سان معيشت کي فائدو پهچائي سگهون ٿا. هن چيو ته حڪومت شروعاتي 100 ڏينهن ۾ ان بابت ئي ڪم ڪيو، اسان دوست ملڪن کان مدد ۽ آءِ ايم ايف پلان تي هڪ ئي وقت ڳالهيون ڪيون، آءِ ايم ايف جي شرطن جو انتظار نه ڪيوسين. اسد عمر چيو ته چين کان سڀ کان گهڻو قرض آمريڪا ورتو آهي، پاڪستان جي ٻاهرين قرضن مان 10 سيڪڙو چين کان ورتو ويو آهي، ٽيڪس نه ڏيندڙ اميرن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، حڪومت عدالت جو احترام ڪري ٿي. هن چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردي ۾ به ٻاهريان عنصر شامل آهن.