سرڪاري آفيسر عوام لاءِ در کليل رکڻ جي پاليسي تي عمل يقيني بڻائين:وزيراعظم

February 22, 2019 at 6:26 pm

اسلام آباد ( بيورو ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سرڪاري آفيسر عوام لاءِ در کليل رکڻ جي پاليسي تي عمل يقيني بڻائين، جڏهن ته سرڪاري گڏجاڻين جي آر ۾ عوام کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ دير ڪرائڻ جي روش برداشت نه ڪئي ويندي.  وزيراعظم عمران خان سان سرگوڌا ڊويزن جي قومي اسيمبلي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪامورا شاهي کي مڪمل طور غير سياسي بڻائڻ ۽ پبلڪ سروس ڊليوري کي يقيني بڻائڻ حڪومت جو منشور آهي. هن چيو ته عوامي نمائندا بدعنواني، رشوت خوري ۽ اقربا پروري ۾ ملوث عنصرن جي نشاندهي ڪن ۽ سرڪاري اهلڪارن طرفان عوام لاءِ  ڏکيائيون پيدا ڪرڻ جي روش ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. هن چيو ته چونڊيل نمائندا عوام کي پيش مسئلن جي نشاندهي ڪن ۽ مسئلن جي حل لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته سرڪاري گڏجاڻين جي آڙ ۾ عوام کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرائڻ جي روش برداشت نه ڪئي ويندي.  وزيراعظم عمران خان چيو ته نوجوانن کي هنر سيکارڻ، زراعت جي ترقي حڪومت جي اوليتن ۾ شامل آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ غريب ۽ حقدار ماڻهن جي مدد لاءِ تفصيلي پروگرام جو اعلان جلد ڪيو ويندو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو