سرڪاري نيلامي جي عمل کي آسان ۽ شفاف ڪيو پيو وڃي: مرتضيٰ وهاب

November 25, 2018 at 5:18 pm

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) وزيراعليٰ سنڌ جي اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار بئريسٽر مرتضٰي وهاب چيو آهي ته سرڪاري نيلامي جي عمل کي شفاف بڻائڻ لاءِ پروڪيورمينٽ اٿارٽي کي جديد طرز تي بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ پروڪيورمينٽ ريگيوليٽري اٿارٽي جي اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو صوبائي صلاحڪار هدايت ڪئي ته سرڪاري نيلامي جا ٽينڊر جا ٻولي (واڪ ) ڏيندڙن جي سموريون جائز شڪايتون ۽ ان ختم ڪرڻ ميعلق تجويزن کي دستاويزن ۾ رکڻو آهي ته جيئن بعد ۾ ڪنهن به ٻولي (واڪ) ڏيندڙن کي انهن جي ڪاغذن موجب جاچ پڙتال کي سامهون آڻي سگهجي. پروڪيورمينٽ ريگيوليٽري اٿارٽي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد اسلم غوري پاران صوبائي صلاحڪار کي پروڪيورمينٽ متعلق قانون سازي جي پروجيڪٽر تي پريزنٽيشن ڏيندي آگاهي ڏني. صوبائي صلاحڪار چيو ته ٻولي (واڪ ) ڏيندڙن جي تعداد کي لاڳاپيل ٽينڊر سان متعلق گهٽ ۾ گهٽ پوري ٽينڊر جي رقم جو ٻه سيڪڙو زر ضمانت قابل واپسي جمع ڪرائڻ تي لازم ڪيو وڃي ته جيئن ٻولي (واڪ) ڏيندڙن کي ڪنهن به شڪايت کي ان جي ٽيندر متعلق دلچسپي تحت انهن جي شڪايتن کي دور ڪرڻ ۾ پروڪيورمينٽ اٿارٽي کي آساني ٿي سگهي. صوبائي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته ٻولي (واڪ) ڏيندڙن کي پنهنجو ٽينڊر جمع ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل آفيسن کان علاوه ضلعي انتظاميه جي آفيسن ۾ به ان کي جمع ڪرڻ جو انتظام ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪنهن وجهه سان ٻولي (واڪ) ڏيندڙن جيڪڏهن لاڳاپيل اداري جي آفيس تائين نه ٿا پهچي سگهن ته لاڳاپيل ضلعي انتظاميه جي آفيس ۾ ٽينڊر متعلق پنهنجي ٻولي ( واڪ) جمع ڪرائي سگهن. ان کان علاوه  اي ميل يا ڊاڪ ذريعي به ٽينڊر جمع ڪرائڻ لاءِ اليڪٽرانڪ نظام کي موثر بڻايو وڃي ته جنهن سان زر ضمانت جي پي آرڊرز جا نمبر اي ميل ذريعي موڪلي سگهجن. اجلاس ۾ سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن عبدالوهاب سومرو، مينيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ پبلڪ پروڪيورمينٽ ريگيوليٽري اٿارٽي محمد اسلم غوري ، سيڪريٽري قانون محمد شارق ، ڊائريڪٽر پروڪيورمينٽ جاويد صبغت الله مهر، پروڪيورمينٽ اسپيشلسٽ علي امام قادري ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو