سعد رفيق جي اڪائونٽن ۾ 8 ورهين دوران 46 ڪروڙن کان وڌيڪ رقم منتقل ٿيڻ جو انڪشاف
January 7, 2019 at 8:36 pmلاهور (م ڊ) ريلوي واري اڳوڻي وزير خواجا سعد رفيق ۽ سندس ڀاءُ سلمان رفيق خلاف نيب جي جاچ رپورٽ منظر تي اچي وئي آهي، جنهن موجب سعد رفيق جي اڪائونٽ ۾ 8 ورهين دوران 46 ڪروڙ 60 لک رپيا منتقل ٿيا. رپورٽ موجب سلمان رفيق ۽ نديم ضياءَ جا پٽ پيراگون سٽي جا ڊائريڪٽر آهن، سلمان رفيق ۽ نديم ضياءَ جي پٽن جي نالي تي 2 ارب 96 ڪروڙن جي رقم جاري ٿي، جڏهن ته سعد رفيق جي اڪائونٽن ۾ 8 ورهين دوران 46 ڪروڙ 60 لک رپيا منتقل ٿيا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 5 سئو کان وڌيڪ ٽرانزيڪشنز 2010 کان 2018 وچ ۾ ٿيون، سعد رفيق جي ڊي ايڇ اي بئنڪ اڪائونٽ ۾ 13 ڪروڙ 30 لک رپيا منتقل ٿيا، جڏهن ته ٻئي اڪائونٽ ۾ 7 ڪروڙ 50 لک منتقل ٿيا. جاچ رپورٽ موجب سعد رفيق جي وڌيڪ ٽن اڪائونٽن ۾ 6 ڪروڙ 70 لک رپيا منتقل ٿيا، سعدان ايسوسيئيٽ جي بئنڪ اڪائونٽن ۾ 15 ڪروڙ منتقل ٿيا، ايسوسيئيٽ جي ٻن اڪائونٽن ۾ 2012 کان 2018 تائين رقم منتقل ٿي. رپورٽ موجب سعد رفيق جي 5 بئنڪ اڪائونٽن ۾ ايگزيڪيوٽو بلڊر 23 ڪروڙ 28 لک رپين جي رقم منتقل ڪئي.