سليڪٽيڊ وزيراعظم ڪنهن کي ڇٽي نٿو ڏيئي سگهي ته اين آر او ڇا ڏيندو:پرويز رشيد

February 14, 2019 at 7:15 pm

لاهور (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) چيو آهي ته حڪومت ڊيل ۽ اين آر او جي نالي تي بليڪ ميل ڪرڻ چاهي ٿي سليڪٽيڊ وزيراعظم ڪنهن کي ڇٽي نٿو ڏيئي سگهي ته اين آر او ڇا ڏيندو علاج ۾ جيڪي رنڊڪون وڌيون ويون اهي سڄي دنيا ڏسي ڇڏيو نوازشريف جلد عوام ۾ اچي ملڪ کي ٻيهر جمهوريت ڏانهن گامزن ڪندو سليڪٽڊ وزيراعظم جي عزت ۽ اختيار ناهن هوندا عمران خان وزيراعطم هائوس کي يونيورسٽي جو اعلان ڪري پنڻ وارو سينٽر بڻائي ڇڏيو آهي اهڙن خيالن جو اظهار پرويز رشيد، سينيٽر مشاهد الله خان، امير مقام ۽ طلال چوڌري پارٽي قائد محمد نوازشريف سان ڪوٽ لکپت جيل ۾ ملاقات لاءِ آمد جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو پرويز رشيد چيو ته اڳُني وزيراعظم کي علاج جون مناسب سهولتون نه پيون ڏنيون وڃن نوازشريف جي علاج ۾ جيڪي رنڊڪون وڌيون ويون سڄي دنيا ڏٺو سينيٽر مشاهد الله خان چيو ته اڄ پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ويلنٽائين نوازشريف سان ملهائيو ۽ پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو هن چيو ته انقريب جيل جون ڀتيون ڪرنديون ۽ نوازشريف آزاد ٿيڻ کان پوءِ عوام سان گڏ هوندو نوازشريف عوام ۾ اچي ملڪ کي ٻيهر جمهوريت طرف گامزن ڪندو مشاهدالله خان ويلنٽائين ڊي تي نوازشريف کي شيئر به ٻڌايو امير مقام چيو ته عمران خان وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي بنائڻو هو پر هاڻي ان يونيورسٽي کي ٻيهر وزيراعظم هائوس بڻايو ويو هن چيو ته نيازي رينٽل سروس جيڪي گاڏيون وڪرو ڪيون ٻيڻي قيمت تي ٻيهر ڪرائي تي ورتيون پيون وڃن طلال چوڌري چيو ته نوازشريف جي صحت تي حڪومت ڊيل ۽ اين آر او جي نالي تي بليڪ ميل ڪرڻ چاهي ٿي سليڪڊ وزيراعظم ڪنهن کي ڇٽي نٿو ڏيئي سگهي ته اين آر او ڇا ڏيندو ڇو ته سليڪٽڊ وزيراعظم جي عزت ۽ اختيار ناهن هوندا.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو