سنڌو درياءَ تي وڌيڪ 20 ڊيم ٺاهينداسين، ڪير روڪي نه ٿو سگهي: چيف جسٽس
November 23, 2018 at 7:23 pmلنڊن ( م ڊ ) چيف جسٽس ثاقب نثار واضح ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ ڊيم جي اڏاوت کان ڪير به روڪي نه ٿو سگهي، ڇو ته پاڪستان جي بقا لاءِ ڊيم ضروري آهن. ڊيم جي اڏاوت لاءِ لنڊن جي مقامي هوٽل ۾ فنڊ گڏ ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته ڪالاباغ ڊيم جي معاملي تي خبر پئي ته صوبن ۾ اتفاق ناهي ته سوچو هلو ڀائرن ۾ ڏڦيڙ نه ڪرڻ گهرجي پر ديار مر ۽ مهمند ڊيم تي سمورن صوبن کي اتفاق آهي. هن چيو ته مهمند ۽ ديار مر ڀاشا ڊيم ڇو نه ٺهي، ان سلسلي ۾ غفلت ڪنهن جي هئي اڄ خبر پئجي وئي، هاڻي سنڌو درياءَ تي به ويهارو ڊيم ٺهندا، ڪو اهو نه سمجهي ته ڊيم جي اڏاوت ۾ رنڊڪ وجهندو. سندس چوڻ هو ته ڊيم جي اڏاوت جو حڪم سپريم ڪورٽ ڏنو آهي ۽ حڪومت سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد ڪري رهي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته بلوچستان ۾ تعليم، صحت ۽ پاڻي جا سنگين مسئلا آهن، صوبي ۾ پاڻي 2 هزار فوٽ تي آهي، جيڪڏهن پاڻي جو مسئلو فوري طور حل نه ٿيو ته ماڻهن کي منتقل ٿيڻو پئجي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڻي سبب ماڻهن کي زندگي کان محروم نه ٿو ڪري سگهجي، پاڻي زندگي آهي ۽ زندگي جو وجود پاڻي سان ئي آهي. سندس چوڻ هو ته ڊيم لاءِ چندو گڏ ڪرڻ مقصد ناهي، آهي لاءِ مهم هلائڻ مقصد آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته ڊيم لاءِ منهنجي ڏوهٽي به پنهنجي جمع ٿيل رقم مان حصو وڌو، سپريم ڪورٽ جي جج ٻارڙن جا رانديڪا وڪرو ڪري 7 هزار رپيه جمع ڪيا. هن چيو ته مان پنهنجي ملڪ ۾ گهڻي بي انصافي ڏٺي آهي، ماڻهن کي يتيمن ۽ بيواهن جا حق کائيندي ڏٺو آهي، انساني حقن جا اهڙا مسئلا آهن جيڪي اندر ئي اندر تڪليف ڏيندا آهن.