سنڌو درياهه جي انچ انچ تي ڊيم ٺهڻ گهرجي، فنڊ لاءِ موبائل ڪارڊ جو ٽيڪس بحال ڪنداسين: چيف جسٽس

November 26, 2018 at 4:17 pm

 لنڊن(م ڊ)چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار تجويز پيش ڪئي آهي ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته موبائل فون جي پري پيڊ ڪارڊ تي ٻيهر ٽيڪس لڳائي ڊيم فنڊ لاءِ پئسا جمع ڪنداسين، ان سان گڏ ئي هن عوام سان ان حوالي سان راءِ به طلب ڪري ورتي آهي.لنڊن ۾ يوڪي پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي اهتمام هيٺ فنڊ ريزنگ تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جو چوڻ هو ته عوام تي ڊيم ٺاهڻ لاءِ ٽيڪس لڳائڻ مناسب نه هوندو، پر اسان پري پيڊ موبائل ڪارڊ ت ودِ هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪرايو ۽ جڏهن حساب لڳايو ته خبر پئي ته ان سان هر مهيني 3 ارب رپين جي بچت ٿي، جيڪڏهن قوم اجازت ڏني ته پري پيڊ ڪارڊ تي ٻيهر ٽيڪس لڳائي ڊيم لاءِ پئسا جمع ڪنداسين، قوم منهنجي ان تجويز تي راءِ ضرور ڏئي.ماضي ۾ ڊيم نه اڏڻ کي مجرماڻي غفلت قرار ڏيندي چيف جسٽس چيو ته سنڌو درياهه جي انچ انچ تي ڊيم ٺهڻ گهرجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته هڪ ڏينهن چار ئي صوبا ڪالاباغ ڊيم تي متفق ٿي ويندا.  هن چيو ته مان نئين نسل جو مستقبل محفوظ ڏسڻ چاهيان ٿو، ڊيم جي اڏاوت نه رڳو پاڪستان پر هاڻي انسانيت جي تحريڪ بڻجي وئي آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو