سنڌي ميڊيا جي سڏ تي هڪ سنڌ هڪ ثقافت جي سري هيٺ ڏوڪري تعلقو ثقافتي رنگن سان رنڱجي ويو
December 1, 2019 at 5:51 pmڏوڪري(نمائندو)سنڌي ميڊيا جي سڏ تي هڪ سنڌ هڪ ثقافت جي ڏينهن کي تعلقي ڏوڪري ۾ ثقافت جي رنگن ۾ رنگجي ويو، ثقافتي تقريبون، 30 کان وڌيڪ ريليون ڪڍيون ويون، قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو ان /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 13
ڏس ۾ ڏوڪري واسين پاران ثقافتي ڏهاڙي کي ڀرپور موٽ ڏني وئي ڏهاڙو شاندار نموني ملهايو ويو مختلف ڌرين پاران 30 کان وڌيڪ ريليون ڪڍيون ويون، هر طرف ثقافت جا رنگ وکري پيا جسقم، ايس يوپي ،جيئي جسقپ. سنڌ متحده محاذ، ڏوڪري. ناجيا نشات تنظيم جماعت لواري شريف ضلع لاڙڪاڻو يونٽ ڏوڪري ميڊيا ۽ ٻين ڌرين پاران ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون، ريلين جي اڳواڻي دودو ديشي. رڪ سنڌي، زبير جکرو ،رستم سوهو، خالد جوڻيجو، ،جميل شيخ، محمد علي کوسو ،زبير جکرو ،صالح جوڻيجو جوڻيجو ،فہد جتوئي، وحيد جوڻيجو. جميل جوڻيجو. محمد عثمان جوڻيجو. مامو رمضان ساريو. نويد علي ٻٽ. غلام مصطفي جهتيال. غلام محمد ڀٽي. مهراڻ ڀٽي. جمعيت علماء پاڪستان تعلقو ڏوڪري جو صدر حافظ نظام الدين ڀٽي شاعر فقير محمد سومرو. باڊهه پريس ڪلب جي اڳواڻ زيب علي ساريو. ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ثقافت جو ڏينهن عيد جي ڏينهن جا ملهائي رهيا آهيون اڄ اسان تمام گهڻو خوش آهيون. ڇو جو سنڌ جي ثقافت صدين کان وٺي قائم آهي ۽ رهندي. موهن جي دڙو هڪ عظيم ورثو آهي. هوڏانهن ڏوڪري ڀرسان مانڊين تي رستم سوهو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي، شرافت سمون، سچل منگي، واحد خاصخيلي رابيل انصاري ۽ ٻين سر ورکا ڪئي قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو۽ نوجوانن جهمريون هوجمالو جئي سنڌ جئي سنڌ وارا جيئن سنڌي ٽوپي اجرڪ وارا جيئن جي نعرن گيتن تي جهومي پنهجي عظيم ثقافت جو ڏينهن ملهايو ويو.