سنڌ بزنس پورٽل کي فيبروري ۾ لانچ ڪيو ويندو: ممتاز علي شاهه
February 1, 2019 at 6:56 pmڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) وزيراعظم جي واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود سنڌ جي چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه سان ملاقات ڪئي جنهن دوران سنڌ ۾ ايز آف ڊوئنگ بزنس ۾ بهتري پيدا ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو آهي. ملاقات ۾ وفاقي سيڪريٽري بورڊ آف انويسٽمنٽ، صوبائي سيڪريٽري آف انويسٽمٽ، ايڪسائيز سيڪريٽري پلاننگ، ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. سنڌ ۾ جاري آف ڊوئنگ بزنس تي بريفنگ ڏيندي چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ ڪاروبار شروع ڪرڻ واري عمل کي پهريان کان وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته فيبروري ۾ سنڌ بزنس پورٽل کي لانچ ڪيو ويندو، جنهن تحت صوبي ۾ انويسٽمنٽ ڪندڙن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. بريفنگ دوران ممتاز علي جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جي ڪاوشن سان ايز آف ڊوئنگ بزنس ۾ پاڪستان جي رينڪنگ ۾ 11 پوائنٽن جي بهتري آئي آهي جنهن بعد بزنس ڪميونٽي جو اعتماد بحال ٿيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود چيو ته ڪراچي ۾ واپاري ۾ بهتري لاءِ ڪميونٽي کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ پهرين ترجيح آهي. سندس چوڻ هو ته مونکي اهو ٻڌي خوشي ٿي آهي ته وفاقي حڪومت طرفان سڄي سنڌ ۾ انويسٽمنٽ ڪندڙن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون ۽ ڪاروبار ۾ پيش ايندڙ مسئلن کي حل به ڪيو پيو وڃي.