سنڌ جو وفاق کان گيس جي بندش فوري طور ختم ڪرڻ جو مطالبو

December 15, 2018 at 12:16 am

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته گھرو صارفن ۽ صنعتي يونٽس جي گيس جي بندش جلد ختم ڪئي وڃي. ڪراچي ۾ وڏي وزيرسيد مرا د علي شاهه پيٽروليم واري وفاقي وزير غلام سرور سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ سنڌ ۾ گيس جي سپلائي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته سنڌ جي گيس تي جيڪا بجلي پيدا ٿيندي آهي ان جوفائدو سنڌ کي ملڻ گھرجي. هن پيٽروليم واري وفاقي وزير کان مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ گھرو صارفن ۽ صنعتي يونٽس جي گيس بندش جلد ختم ڪئي وڃي. مراد علي شاهه چيو ته هن وقت 8522 ڪنيڪشنز سوئي سدرن گيس ڪمپني وٽ پينڊنگ ۾ آهن. هن وقت اوگرا ۾ چيئرمين ۽ ٽي ميمبر سڀ وفاق سان آهن. هن مطالبو ڪيو ته چيئرمين وفاق مان ۽ صوبي مان هڪ ميمبر هجڻ گھرجن. سندس چوڻ هو ته تيل تي ايڪسائيز ڊيوٽي تيل جي کوهن جي هيڊ تي لڳائي ويندي آهي، اها ڊيوٽي وفاق وصول ڪندو آهي .اها صوبي کي سڌي ريت ڏني وڃي. ان موقعي تي پيٽروليم وفاقي وزير غلام سرور چيو ته خبر پوي ته صوبا ڇا ٿا چاهين ، مختلف بورڊز ۾ صوبن جي نمائندگي ناهي . ملاقات ۾ او جي ڊي سي ايل، ايس ايس جي سي ايس اين جي سي ۽ ٻين ڪمپنين ۾ صوبن کي نماندگي ڏيڻ لاءِ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت هڪ ڪميٽي ٺاهي جيڪا پيٽروليم وزارت جي ڪميٽي سان  بيٺڪ ڪري. وزيراعليٰ سنڌ چيو ته ان ڪميٽي جي صلاح سي سي آءِ ۾ پيش ڪئي ويندي، ڪيپٽو پاور جو مقصد ضرورتون پوريون ڪرڻ آهي ، ان لاءِ گيس فراهم ڪيو وڃي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو