سنڌ جيڪڏھن وفاق کان 70 سالن جو حساب وٺڻ تي اچي ته وفاقي حڪومت گروي ٿي ويندي:سردار شاهه/ اعجاز جکراڻي

December 6, 2019 at 4:20 pm

ڪراچي:(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار مير اعجاز حسين جکراڻي چيو آھي ته وفاقي حڪومت پنھنجي نااھلي جي ڪري مزاحيه فيصلا ڪري رھي آھي، حد ته اھا آھي جو وفاق پاران صوبن کي منتقل ٿيندڙ اثاثن جا پئسا گھريا پيا وڃن، سنڌ جيڪڏھن وفاق کان 70 سالن جو حساب وٺڻ تي اچي ته وفاقي حڪومت گروي ٿي ويندي، اھڙن خيالن جو اظھار ھن اڄ پنھنجي آفيس ۾ پاڪستان ٽورئزم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جي اثاثن جي صوبن کي منتقلي بابت ٺاهيل ڪاميٽي جي سربراھ جي حيثيت جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل اجلاس جي صدات ڪندي ڪيو، ان موقعي تي ثقافت ۽ سياحت کاتي جو صوبائي /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 02
ير سيد سردار شاھ، سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت اکبر لغاري، سيڪريٽري IPC اختر غوري لينڊ يوٽلائيزيشن ۽ ٻين کاتن جي نمائندن شرڪت ڪئي، اجلاس دوران ثقافت ۽ سياحت واري صوبائي وزير سيد سردار شاھ پاران آگاھ ڪيو ويو ته ارڙهين ترميم مطابق ڪنڪرنٽ لسٽ جي خاتمي کان پوءِ جيڪي کاتا صوبن کي منتقل ٿيڻا ھئا اھي نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ معاملو عدالت ويو ۽ عدالت ڪابينا ڊويزن کي ان مسئلي جي حل ڪرڻ لاءِ چيو، جڏھن ته وفاقي حڪومت ھڪ مزاحيه ليٽر ذريعي پي ٽي ڊي سي کي معاملو حل ڪرڻ لاءِ چيو PTDC وري سائيٽس جي ملڪيت ۽ انتظام صوبي کي ڏيڻ جي صورت ۾ ملڪيت جي قيمت ۽ ڪمائي جي صورت ۾ 10 فيصد منافعي  طور ڏيڻ لاءِ چيو آھي، جيڪا گُھر غير قانوني آھي ان تي ردعمل ڏيندي صوبائي مشير مير اعجاز جکراڻي چيو پي ٽي ڊي سي کي اھڙو ڪوئي اختيار ناھي اھڙو اختيار صرف ۽ صرف سي سي آئي کي آھي، سنڌ کي ڪنھن به صورت ۾ غير قانوني طرح نٿو ھلائي سگھجي، ھن وڌیڪ چيو ته سي سي آئي ۽ ٻئي قانوني فورمن تي ان ڳالھ کي اٿاريو ويندو۔ اجلاس بعد صوبائي مشير مير اعجاز جکراڻي ۽ ثقافت ۽ سياحت جي وزير سيد سردار شاھ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالھائيندي چيو تہ 18 هين آئيني ترميم کانپوءِ وفاق پاران 7 ڪمپوننٽ هئا جيڪي سنڌ صوبي کي منتقل ڪرڻا هئا، جن ۾ هاڪس بي، مڪلي، حيدرآباد جي لينڊ، موهين جو دڙو، سکر سميت ٻين جاين تي موجود انفارميشن سينٽرز هاڻ تائين سنڌ حوالي ناهن ڪيا ويا، پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان کي سڀئي شعبا حوالي ڪيا ويا پر سنڌ کي هن وقت تائين اهي ڪمپوننٽ ناهن ڏنا ويا، حيرت آهي ته ڪيبينيٽ ڊويزن جي فيصلي جو حڪم ۽ فيصلو پي ٽي ڊي سي ڪيئن ڪري سگهي ٿي، پي ٽي ڊي سي اهڙو ڪوبه حڪم نٿو ڏئي سگهي، پي ٽي ڊي سي جي ڪنهن به فيصلي کي نٿا مڃون اهي پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏين. اسان کي پي ٽي ڊي سي پاران عجيب و غريب خط وصول ٿيا جن ۾ لکيو ويو ته ثقافت کاتو سنڌ جي زمين جو ڀاڙو پي ٽي ڊي سي کي ڏي، وفاق ۾ غير تجربيڪار ماڻهون ويٺل آهن جيڪي صوبن جي حقن بابت ڪجهه نٿا ڄاڻن ۽ مسلسل هڪ مذاق ڪيو پيو وڃي جيئن آرمي چيف جي ايڪسٽينشن واري معاملي تي ان طرح ئي غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو ويو، صوبائي وزير ثقافت سيد سردار علي شاهه چيو ته نئي پاڪستان وارن وزير اعظم هائوس ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي اڄ به چوان ٿو ته وفاق فراخ دلي جو مظاهرو ڪري ۽ گورنر هائوس اسان جي حوالي ڪري اسان ان ۾ ڪراچي سٽي ميوزيم ٺاهينداسين.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو