سنڌ جي سڀني قوميتن کي جوڙڻ چاهيون ٿا، پاڻ ۾ وڙهائڻ باهه سان کيڏڻ برابر آهي:صدر عارف علوي

February 25, 2019 at 7:05 am

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) صدر عارف علوي چيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن جي تمام گهڻي اهميت آهي ۽ اهو معاملو تڪليف ڏيندڙ به آهي پر ان حوالي سان گهڻي اڳڀرائي ٿي آهي، گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان قومي اسيمبلي ۾ هڪ بل به پيش ڪيو ويو آهي، اميد ته گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو جلد حل ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ لٽريچر فيسٽيول ۾ خطاب ڪندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته محبت جو پيغام شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو آهي، جيڪو سنڌ ڌرتيءَ جو زيور آهي، ماڻهن کي اندازو ناهي ته سنڌ جا ماڻهو ڪيترا مهمان نواز آهن، سنڌ جي سڀني قوميتن کي جوڙڻ چاهيون ٿا، پاڻ ۾ وڙهائڻ باهه سان کيڏڻ برابر آهي، مذهبي ۽ لساني نفرتون ماڻهن کي وڙهائڻ لاءِ پيدا ڪيون ويون آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت جون سهولتون بهتر هجڻ گهرجي، ٿرپارڪر واسين جون حالتون به بهتر ڪرڻيون آهن. عارف علوي چيو ته پاڪستان اها ڌرتي آهي، جنهن افغان مهاجرن کي قبول ڪيو، هن وقت به سنڌ ۾ 25 لک افغان مهاجر موجود آهن.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو