سنڌ حڪومت برسات سبب ٿيل نقصان جو فوري ازالو ڪري: بلاول جو حڪم

August 19, 2022 at 11:30 pm

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پارٽي جي سمورن ايم پي ايز توڙي ايم اين ايز کي هدايت ڪئي آهي ته اُهي سڀ پنهنجن علائقن ۾ برسات متاثرن سان گڏ رهن ۽ انهن جي مدد ڪن

بلاول هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ بلاول چيو ته سنڌ ۾ برسات سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس ٿيو آهي، متاثرن سان گڏ آهيون
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه بلاول ڀٽو زرداري کي بريفنگ ڏني ته برسات سبب سڄي صوبي ۾ 40 ارب رپين کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي، جنهن تي بلاول ڀٽو زرداري وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته صوبائي حڪومت برسات سبب ٿيل نقصان جو فوري ازالو ڪريبلاول ڀٽو زرداري ڪراچي جي روڊ رستن جي حالت بهتر ڪرڻ توڙي پاڻي جي نيڪال جو مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو