سنڌ حڪومت جي تبديلي لاءِ فارورڊ بلاڪ جوڙينداسين، تبديلي اڻٽر آهي:فواد چوڌري

January 15, 2019 at 9:52 pm

 ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اطلاعات واري وفاقي وزير سنڌ ۾ تبديلي لاءِ فاروڊ بلاڪ ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، هن دعويٰ ڪئي ته صوبي ۾ تبديلي لاءِ پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻن اسان سان رابطو ڪيو آهي.ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اومني گروپ جو ڏيئو ريڙهڻ سان جيڪو جن سامهون ايندو آهي اهو مراد علي شاهه آهي، ان کانپوءِ ماڻهن جا جعلي اڪائونٽس به کلن ٿا ۽ ٻيا ڪم به ٿيندا آهن، ان لاءِ مراد علي شاهه کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان پيپلز پارٽي کي موقعو ڏيڻ چاهيون پيا، ڇاڪاڻ ته مراد علي شاهه سنڌ جي عوام جي مفادن خلاف ڪم ڪري رهيو آهي، ان ڪري پيپلز پارٽي پاڻ ان تي سوچي ۽ پنهنجي وڏي وزير کان استعيفيٰ وٺي، ان ماڻهن سنڌ تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي.فواد چوڌري دعويٰ ڪئي ته پ پ پ جا ميمبر به اهڙي صورتحال تي خوش آهن، پيپلز پارٽي جا سنجيده ماڻهو تبديلي چاهين ٿا، ان لاءِ پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻن اسان سان رابطو ڪيو آهي، جيڪي ماڻهو عوام جي ويجهو آهن اهي تبديلي جي ڳالهه ڪندا، تبديلي جو سفر هاڻي شروع ٿي چڪو آهي، چاهيون ٿا ته پ پ پ پاڻ تبديلي آڻي، اسان موقعو ڏيڻ چاهيون ٿا، جيڪڏهن هي فائدو کڻڻ نٿا چاهين ته يقيني طور تي عملي قدم کڻڻا پوندا ۽ پ پ پ جي اڪثريت سنڌ ۾ اسان جو ساٿ ڏيندي، سنڌ حڪومت جي تبديلي لاءِ فارورڊ بلاڪ جوڙينداسين، تبديلي اڻٽر آهي.هن پ پ پ چيئرمين تي تنقيد ڪندي چيو ته بلاول اڃا ٻار آهي ۽ ٻار غير سياسي هوندا آهن، منهنجي خيال ۾ بلاول جو سنڌ جي حالتن سان ڪو واسطو انهي. هن چيو ته مراد علي شاهه جي پنهنجي تڪ ۾ ڊاڪٽر ۽ دوائون ناهن، ان جي اسڪولن ۾ استاد ۽ فرنيچر ناهي، ڪراچي جو ڇا حشر نشر ڪري ڇڏيو اٿن.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو