سنڌ حڪومت پنهنجي حصي مان فاٽا کي 3 سيڪڙو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، شين تي ٽئڪس اوڳاڙي جو اختيار ڏيڻ جو مطالبو
February 6, 2019 at 6:50 pmاسلام آباد(بيورو) قومي مالياتي ڪميشن صوبن ۽ وفاق جي مالي صورتحال جي حوالي سان 6 ورڪنگ گروپ جوڙي ڇڏيا، سنڌ سرڪار فاٽا کي اين ايف سي ايوارڊ مان 3 سيڪڙو حصو ڏيڻ کان انڪار ڪندي گڊز سميت مختلف ٽيڪسز جي اوڳاڙي جا اختيار صوبن حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.نائين قومي مالياتي ڪميشن جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ چئني صوبن جي ناڻي وارن وزيرن ۽ نجي ميمبرن شرڪت ڪئي، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه به ناڻي واري وزير جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيو.اجلاس دوران صوبن ۽ وفاق جي نمائندن پنهنجي پنهنجي مالي ورتحال جي حوالي سان آگاهي ڏني، جنهن بعد 6 ورڪنگ گروپ جوڙيا ويا ۽ اين ايف سي جو ايندڙ اجلاس ڇهن هفتن بعد لاهور ۾ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن ۾ ورڪنگ گروپس جون رپورٽس پيش ڪيون وينديون.اجلاس دوران وفاقي حڪومت صوبن کي يقين ڏياريو آهي ته 18 هين ترميم تحت اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو موجود حصي ۾ گهٽتائي نه ڪئي ويندي، 18 هين ترميم تي عملدرآمد جاري رکيو ويندو.سنڌ صوبي اجلاس دوران فاٽا کي اين ايف سي ايوارڊ مان 3 سيڪڙو حصو ڏيڻ کان انڪار ڪندي موقف اختيار ڪيو ته ستين اين ايف سي دوران فاٽا وفاق جو حصو هو، ڪي پي ۾ ضم ٿيڻ بعد وفاق ان کي پنهنجي حصي مان 3 سيڪڙو حصو ڏئي.اين ايف سي اجلاس دوران صوبن ايف بي آر جي ڪاڪردگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، سنڌ جي نمائندي مطالبو ڪيو ته گڊز ٽيڪس سميت مختلف ٽيڪس جي اوڳاڙي جا اختيار صوبن حوالي ڪيا وڃن، ڇاڪاڻ ته ٽيڪس اوڳاڙي ۾ صوبن جي ڪاڪردگي وفاق کان بهتر آهي. اجلاس دوران سنڌ احتجاج ڪيو ته هلندڙ مالي سال 2018-19 جي 7 مهينن دوران وفاق طرفان سنڌ کي مقرر حصي کان 60 ارب رپيا گهٽ مليا آهن، جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته سنڌ کي هلندڙ سال 104 ارب رپيا گهٽ ملڻ جو خدشو آهي.