سنڌ سرڪار بيگناھ مقتولن جي حوالي سان ٻٽا معيار نه رکي!
February 26, 2019 at 7:30 pmنسيم بخاري
نئين ديري ۾ 13 فيبروري تي باجوڙ جي قتل ٿيل ٽن پورهيتن جي وارثن باجوڙ ايجنسيءَ جي وفد جي صورت ۾ عوامي نيشنل پارٽيءَ جي اڳواڻ سينيٽر شاهي سيد جي اڳواڻي ۾ وزيراعليٰ هائوس ڪراچيءَ ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان سعيد غني، مرتضيٰ وهاب، وقار مهدي، راشد ربانيءَ جي موجودگيءَ ۾ ملاقات ڪئي آهي. ان موقعي تي وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاھ باجوڙ جي ٽن مقتول پورهيتن جي خاندانن لاءِ معاوضي ڏيڻ سان گڏوگڏ سندن ٻارڙن جا تعليمي خرچ سنڌ حڪومت پاران ڀرڻ جو اعلان ڪيو آهي، باجوڙ ايجنسيءَ جي وفد سان ڳالهائيندي وڏي وزير وڌيڪ چيو آهي ته لاڙڪاڻي ۾ ٽن باجوڙ واسي پورهيتن جو قتل لساني وڳوڙ پيدا ڪرڻ ۽ صوبي جو امن خراب ڪرڻ واري سازش کي ناڪام بنائڻ، پختون ڀائرن کي پرامن رکڻ ۽ رهڻ لاءِ شاهي سيد جيڪو مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي، تنهنجو ٿورائتو آهيان، لاڙڪاڻو شهيدن جو شهر آهي، باجوڙ جا مقتول به شهيد آهن، مراد علي شاھ اهو به چيو آهي ته پ پ جي قيادت آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي باجوڙ جي ٽن پورهيتن جي قتل تي دلي صدمو پهتو آهي ۽ انهن قاتلن جي گرفتاري لاءِ هدايت ڪئي آهي، وڏي وزير پنهنجي حڪومتي فراخ دلي ۽ درياهه دليءَ جو مثال ڪندي چيو آهي ته لاڙڪاڻي جو ڊي آءِ جي پنجاب مان ۽ ايس ايس پي ڪي پي ڪي جو آهي، جڏهن ته ڊي سي سرائڪي آهي.
سنڌ جي وڏي وزير وفد کي باجوڙ جي مقتول پورهيت جي قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي جي بريفنگ ڏيڻ لاءِ ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش کي گهرائي ٿيندڙ پيش رفت کان باجوڙ جي وفد کي آگاهي ڏياري آهي، پوليس آفيسرن باجوڙ مان آيل وفد کي ٻڌايو آهي ته اٺانوي شڪي ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن ۽ قتل ۾ ملوث گروپ جي خبر پئجي وئي آهي، اصل جوابدار ڀڳل آهن، جن جا واسطا پاڪستان کان ٻاهر جا آهن، انهن کي ٽريس ڪيو آهي ۽ کين جلد گرفتار ڪيو ويندو.
سنڌ هن ڳالھ تي سرهي آهي ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ نئون ديرو ۾ بيگناھ قتل ٿيل باجوڙ واسين جي خاندانن لاءِ معاوضي ۽ ٻارڙن جو تعليمي خرچ ڀرڻ جو سنڌ سرڪار پاران اعلان ڪيو آهي، اها به خوشي جي ڳالھ آهي ته باجوڙ جي وفد کي مقتول ٽن پورهيتن جي ڪيس ۾ ٿيندڙ پيش رفت کان آگاھ ڪيو ويو آهي، اهي پورهيت چين جا رانديڪا ۽ ٻيو سامان وڪڻي پنهنجي ٻچڙن ۽ خاندان جي ڪفالت ڪندا هئا، سندن خاندان جي مالي سهائتا سٺي ڳالھ، سٺي روايت ۽ بهتر عمل آهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ باجوڙ جي ٽن پورهيتن جي خاندانن لاءِ معاشي پيڪيج جو اعلان ڪري هڪ سٺو ۽ وقتائتو ڪم ڪيو آهي، سنڌ چاهي ٿي ته هو اهڙي اڳڀرائي بيدرديءَ سان يو سي چيئرمين رحيم شاھ پاران قتل ٿيل ارشاد رانجهاڻي جي حوالي سان به عمل ۾ اچي وڏو وزير پنهنجي تر ۾ تڪ جي مقتول ارشاد رانجهاڻي جي گهر وڃي سندس ٻچڙن جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکي، بيدرديءَ سان قتل ٿيل ارشاد رانجهاڻي جي متاثر خاندان لاءِ مالي سهائتا جو رڳو اعلان نه ڪري پر امدادي چيڪ خاندان حوالي ڪري وڏو وزير ارشاد رانجهاڻي جي ٻارڙن جو تعليمي مستقبل سوارڻ لاءِ سنڌ سرڪار پاران تعليمي خرچ برداشت ڪرڻ جو به اعلان ڪري ۽ متاثر خاندان کي ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جي هيل تائين ٿيل پيش رفت جي به خبر چار ڏي، وڏي وزير کي سنڌ جي صوفي مزاج ماڻهن جو ٿورو مڃڻ گهرجي، جن ارشاد رانجهاڻي جي تڙپي تڙپي دم ڏيڻ واري جذباتي وڊيو ڪلپ ڏسڻ کانپوءِ به صبر جو دامن نه ڇڏيو، وڏي وزير کي سنڌ جي ساڃھ وندن پاران ڪراچيءَ جي ڪارساز واري علائقي ۾ ٿيل پرامن احتجاج کي به قدر جي نگاھ سان نه رڳو ڏسڻ گهرجي پر ان جو پورو پورو اعتراف به ڪرڻ گهرجي.
حقيقت اها آهي ته سنڌ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ڏانهن واجھائي رهي آهي ۽ اها ان خبر جي منتظر آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو هجي ته سنڌ جو تخت ڌڻي پنھنجي تر جي مقتول ارشاد رانجهاڻي جي وارثن وٽ عذرخواهي لاءِ پهتو آهي ۽ مقتول جي امڙ کي دلجاءِ ڏيندي چيو آهي ته ارشاد رانجهاڻي جو خاندان اڪيلو ناهي، سنڌ حڪومت ان جي ڀرجهلو آهي، وزير اعليٰ سنڌ ارشاد رانجهاڻي جي خون سان يقيني انصاف لاءِ ڪيس جي پوئيواري ۽ ان جي هر وک تي سنجيدگي ۽ ثابت قدمي سان سنڌ سرڪار پاران بهترين وڪيلن جي هڪ پينل جو به اعلان ڪري، سيد مراد علي شاھ سنڌ اسيمبلي ۾ ته ارشاد رانجهاڻي جي ناحق خون بابت زبردست ڳالهايو آهي پر سنڌ اسيمبلي ۾ محسوس ٿيندڙ وڏي وزير جون ڪيفيتون اسيمبلي کان ٻاهر عملي طور تي نه آڏو اچڻ گهرجن، مراد علي شاھ سڌن ۽ چٽن لفظن ۾ ارشاد رانجهاڻي کي سنڌ جو شهيد ۽ سنڌ جو سورمو قرار ڏئي ته ڇا ٿي پوندو، جيڪڏهن وڏو وزير مراد علي شاھ ارشاد رانجهاڻي جي قبر تي وڃي ٽي قل پڙهي ايندو، سنڌ جي وڏي وزير جي اهڙي سرگرمي سان نه ته آسمان ڪرندو ۽ نه ئي ڌرتي ڌڏندي، نه طوفان ايندو نه ڪو ٽاڪوڙو مچندو نه ٻڙڌڪ مچندو نه ئي ڪا ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي. اهو اهڙو عمل هوندو جيڪو مراد علي شاھ جي تاريخ ٺاهي ويندو جنهن سان ان جو سنڌ ۾ قد وڌندو، ان سان پ پ جي سنڌ ۾ هڪ نئين ساک پت ٺهندي اهو عمل هر مظلوم لاءِ ڏڍ ثابت ٿيندو ان سان بي پهچ ۽ مسڪين ماڻهن ۾ هڪ نئين اميد جنم وٺندي.
باجوڙ جي وفد جي ملاقات ۽ سنڌ جي وڏي وزير پاران ڪيل اعلان يا مقتولن جي وارثن کي پوليس آفيسرن کان ڏياريل بريفنگ ثابت ڪري ٿي ته ان ملاقات اڳ ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ سرگرمين کان پهرين ڪا منظم ۽ متحرڪ ڪوشش ٿي هوندي، سوال اهو آهي ته ڇا سنڌ جي قوم پرست ۽ ساڃھ وند ڌرين کي به گڏجي ڪا اهڙي ڪاميٽي نه جوڙڻ گهرجي جيڪا وفد جي صورت ۾ وڏي وزير ۽ ڊي جي رينجرز سان ملي ارشاد رانجهاڻي جي خون سان انصاف کي يقيني بڻائي، اها ڪاميٽي سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي سان تعلق رکندڙ صدر مملڪت عارف علوي سان به ملي، اها ڪاميٽي بين الاقوامي فورمن تي ارشاد رانجهاڻي جي مظلوميت وارو آواز اٿاري ۽ ڪاميٽي سنڌ بار ڪائونسل سان رابطي ۾ رهي، اها ڪاميٽي ميڊيا سان مسلسل واسطو رکي، اها ڪاميٽي ھاءِ ڪورٽ کان سپريم ڪورٽ تائين ارشاد رانجهاڻي جي خون سان انصاف لاءِ ذهن ٺاهي پر ڏسڻو اهو آهي ته اهڙي ڪاميٽي ڪڏهن ٿي قائم ٿي ۽ ڪڏهن ٿي اهڙو ڪردار ادا ڪري جهڙو ڪردار شاهي سيد جي اڳواڻيءَ ۾ باجوڙ جو هڪ وفد ڪري ويو آهي، ارشاد رانجهاڻي جي قتل کان ٿوري دير پوءِ يا ان کان بعد سندس امڙ جون جيڪي جيءَ کي جهنجهوڙيندڙ وڊيو ڪلپس آڏو آيون آهن اهي ان ڳالھ جون تقاضائون آهن ته جهڙي انصاف جي گهر ڪري رهي آهي، ان کي اهڙو انصاف ڏنو وڃي، سنڌ جي وڏي وزير شاهي سيد جا ته نسل پرست ڇڪتاڻ کي روڪڻ تي ٿورا مڃيا آهن پر ان کان اها ڳالھ ڪرڻ رهجي وئي آهي ته شاهي سيد رحيم شاھ جي رهزن ڪردارن کان نه رڳو پاڻ لاتعلقيءَ جو اظهار ڪري پر عوامي نيشنل پارٽي ۽ سمورن پختونن کي به اهڙن ظالم ماڻهن سان سماجي بائيڪاٽ جي صلاح ڏئي. شاهي سيد ۽ اي اين پي جي سنڌ ۾ پختون نسل پرستي جي حوالي سان جيڪا تاريخ رهي آهي سا ڪنهن کان ڳجهي نه آهي سنڌ جو عام ماڻهو سنڌ سرڪار کان اها گهر ڪري ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ اها ٻٽا معيار نه رکي، ڇا ارشاد رانجهاڻي ۽ باجوڙ جي ٽن مقتول پورهيتن جي رت جو رنگ الڳ آهي؟ جي نه ته پوءِ سنڌ سرڪار جو واڳ ڌڻي وزيراعليٰ مقتولن جي حوالي سان ٻٽا معيار ڇو ٿو رکي؟ مراد علي شاھ اهو ڇو نٿو چوي ته ارشاد رانجهاڻي جو ناحق خون به سنڌ ۾ نسلي ڇڪتاڻ جي هڪ سازش آهي جو ارشاد رانجهاڻي جو تعلق وزير اعليٰ جي ضلعي سان آهي ان جو قاتل به نروار آهي ان جي بيگناهي به ثابت آهي ته پوءِ ڇا ان جو متاثر خاندان سکڻي آٿت جو حقدار نه آهي؟