سنڌ سرڪار صوبي ۾ واهپيدارن کان بجلي ۽ گئس جا بل نه وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي
March 22, 2020 at 4:39 pm
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار صوبي ۾ واهپيدارن کان بجلي ۽ گئس جا بل نه وٺڻ جي هدايت ڪندي لاڪ ڊائون بعد امڪاني مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪنٽرول رومز قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته گهرن ۽ ننڍن دڪانن جا مالڪ ڪرائيدارن سان مسواڙ ۾ رعايت ڪن. ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس بابت جوڙيل ٽاسڪ فورس جي صدات ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سئي گئس، سپيڪو، ڪيسڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي واهپيدارن کان بل نه وٺڻ جون هدايتون ڏنيون ۽ چيو ته پنجن تائين بجلي ۽ ٻن هزارن تائين گئس جا بل نه ورتا وڃن، لاڳاپيل ادارا بل جي رقم ايندڙ ڏهن مهينن تائين قسطن جي صورت ۾ وصول ڪن. سيد مراد علي شاهه گهرن ۽ ننڍن دڪان جي مالڪن کي به مسواڙ ۾ رعايت ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو ته هو وفاق کي به پاور سپلاءِ ۽ گئس ڪمپنين کي گئس، فرنيس آئل جي سپلاءِ جاري رکڻ لاءِ درخواست ڪندا. سيد مراد علي شاهه چيو ته فون، يوٽيليٽي، ٽي وي ڪيبل ۽ موبائيلز سروس، جاري رکيون وينديون،جڏهن ته حيسڪو ، سيپڪو، واسا، ڪي ڊبليو ايس بي، ايس ايس جي سي ۽ ٻين ادارن کي به پنهنجا فرض زبردست طريقي سان سرانجام ڏيڻا پوندا. وڏي وزير چيو ته لاڪ ڊائون سبب روزگار سان ڳنڍيل مسئلن جي حل لاءِ 20 هين گريڊ جي آفيسر جي سربراهي ۾ ٽيم جوڙي ويندي،جنهن جا ڪنٽرول رومز آءِ جي پوليس ۽ ڊي جي رينجز جي آفيسن ۾ قائم ڪيا ويندا.سندس چوڻ هو ته ڪميٽي چيف سيڪريٽري سان صلاح سان مسئلن جو حل ڪڍيندي.