سنڌ صوبي کي 91ع واري معاهدي تحت پاڻي فراهم ڪيو وڃي:بئريسٽر مرتضٰي وهاب
November 9, 2018 at 6:25 pmڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعلي سنڌ جي اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار بئريسٽر مرتضٰي وهاب چيو آهي ته وفاقي حڪومت جي پاران پاڻي جي 91 واري معاهدي تي عملدرآمد نه ٿيڻ جي ڳالهه تسليم ڪرڻ سنڌ حڪومت واري موقف جي تائيد آهي. وفاق فوري طور تي پاڻي جي معاهدي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي.اها ڳالهه اڄ هن جمعي تي سنڌ اسيمبلي اجلاس کان پهريون ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪئي. بئريسٽر مرتضٰي وهاب جو چوڻ هو ته ڪراچي پريس ڪلب ۾ گذريل رات ڪاروائي غلط فهمي جي بنياد تي ٿي .ابتدائي تحقيقات جي مطابق جي ايس ايم لوڪيٽر جي فريڪوئنسي خراب ٿيڻ سان غلط لوڪيشن ظاهر ٿي اهو سمورو معاملو غلط فهمي جي بنياد تي هو ان باوجود حڪومت ان معاملي جي جاج ڪندي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته صدر ۾ تجاوزات جي خلاف ڪاروائي شفاف آهي ۽ سپريم ڪورٽ جي هدايت تي تجاوزات جي خلاف ڪاروائي ٿي پئي ڪاروائي جي دوران ڪنهن کي به نشانو نه بڻايو پيو وڃي حزب اختلاف صدر ۾ جاري آپريشن تي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ کان پاسو ڪن.هن وڌيڪ چيو ته غير قانوني هائيڊرنٽس جي خلاف ڪاروائي ڪري رهيا آهيون شهرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪنداسين.صفورا ڳوٺ ۾ قائم هائيڊرنٽ جي خلاف به ڪاوائي ڪندا سين.وفاق تسليم ڪيو آهي ته سنڌ کي 91 واري معاهدي جي تحت پاڻي نه ٿو ملي سمجهه نه ٿو اچي گورنر ڪهڙي قانون تحت ڪم ڪري رهيو آهي هر اداري کي پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي صنعتڪارن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اسان موجود آهيون هنن جا انفرا اسٽرڪچر بابت مسئلا آهن ته سنڌ حڪومت کي آگاهه ڪن سنڌ حڪومت صحافين سان گڏ بيٺي آهي صحافين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪنداسين. مرتضٰي وهاب چيو ته فواد چوهدري ڪڏهن آصف زرداري ڪڏهن مشرف ۽ ڪڏهن ق ليگ جو ترجمان رهيو آهي ان جا بيانات صرف سياسي پوئنٽ اسڪورنگ آهن هن جي بيانن جي گورنر هاوُس مان ترديد اچي ويندي آهي. حليم عادل شيخ هوا ۾ ڳالهه ڪندو آهي خبر ناهي الاهي ڪير پڙهائيندو آهي هن جي خلاف اينٽي ڪرپشن ۾ انڪوائري هلي رهي آهي ۽ مان يقين ڏياريان ٿو ته انڪوائري شفاف ٿيندي.