سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ۽ پٿر کڻڻ کان روڪي ڇڏيو

November 27, 2019 at 4:30 pm

ننگرپارڪر (رپورٽر) سنڌ حڪومت جي سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن جي ٽيم چيئرپرسن آبپاشي کاتي سميت مختلف کاتن جي عملدارن کي ڪارونجهر جبل مان پٿر کڻڻ کان روڪي ڇڏيو، خبر موجب سنڌ حڪومت جي سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن جي ٽيم چيئرپرسن جسٽس رٽائرڊ ماجده رضوي جي سرب/ڏسو صفحو 3بقايا نمبر 14

راهي ۾ ڪارونجهر پهتي، ڪاغذ گڏ ڪرڻ لاءِ ٻيلي کاتي، منرل ڊپارٽمينٽ ۽ آبپاشي کاتي جي آفيسرن جون ڊوڙون لڳي ويون. خبر موجب ٽائون سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن جي ٽيم چيئرپرسن جسٽس رٽائرڊ ماجده رضوي جي سربراهي ۾ ننگر پارڪر پهتي ۽ ڪارونجھر جبل جي ڪٽيو ويندڙ پٿرن جي مختلف جڳھن صابوسڻ ڊيم، لاکي جو وانڊيو، کارسر ۽ سانڪڙ جو دورو ڪيو، جڏهن ته ننگر پارڪر ٽائون ڪميٽي ۾ کلي ڪچهري ڪئي. کلي ڪچهري ۾ شهرين ۽ صحافين سميت آبپاشي، پوليس، فاريسٽ ۽ منرل کاتي جي آفيسرن شرڪت ڪئي. شهرين مختلف کاتن جي آفيسرن خلاف شڪايتن ڪندي چيو ته ڪارونجهر جبل جي وڻن جي واڍي ۾ ٻيلي کاتي جا عملدار ملوث آهن

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو