سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ٿو ڏنو وڃي : مرتضيٰ وهاب
March 14, 2019 at 6:05 amڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) وڏي وزير جي سڌ سماءُ بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته هاڻوڪي حڪومت ستن مهينن ۾ عوام کي رڳو بيوقوف بڻايو آهي ، پاڪستاني عوام کي 10 نوڪريون به ناهن ڏنيون ۽ هر فيصلي تي يوٽرن ورتو آهي. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته موجودا حڪومت عوام کي ڪو به رليف نٿي ڏئي سگهي، جيستائين موجودا حڪومت سنڌ جا آئيني حق نه ڏيندي تيستائين آواز اٿاريندا رهنداسين، پي ٽي آءِ خاطري ڪرائي هئي ته سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو ويندو پر ان تي عمل نه ڪيو ويو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مديني جي رياست ٺهي چڪي آهي هاڻي رياست جي سربراهه کان پڇاڻو ڪيو ته هن هنيئر تائين ڪراچي ڪيترا پئسا لڳايا، هن وقت ڪراچي جي عوام چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙن کي ڳولي رهي آهي. موجودا حڪومت ماڻهن سان ڪيل واعدا پورا ناهن ڪيا.